انور وسطڙو  ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي ):انور وسطڙي جو جنم 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿيو . شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين . نائين جماعت هاءِ اسڪول ٺاروشاھہ ۾ پڙهيو . پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين . اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو ، اهو ڌنڌو سندس پيءُ ۽ ڀائر بہ ڪندا هئا . ٻيڙين ٻڌڻ دوران محمد رفيع ۽ چندر جا ڪلام ٻڌندو هو ۽ انهن کي جهونگاريندو هو . اتان کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ استاد محمد صالح خاصخيليءَ جو شاگرد ٿيو ۽ ترت پوءِ استاد منظور علي خان کان ڌاڳو ٻڌايائين . 1976ع کان هن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو ، ڪيترين فلمن ۾ پڻ ڳاتائين . پنجابي فلم ” وفاياران دي “ سنڌي فلم ” پرديسي ۽ پيار “ ” پرو چانڊيو “ جا گانا ڳاتائين . هن ڪجهہ عرصو اداڪاري بہ ڪئي . هن سنڌ اندر مختلف ثقافتي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي . مصري شاھہ اوارڊ ۽ لطيف ايورڊ مڃتا طور مليا اٿس .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.00.00  عيسوي

انور وسطڙو ( راڳي ) : -انور- وسطڙي جو جنم 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ساڌنا شوداساڻي
چنڙ مهرالدين
پروفيسر هاسانند جادوگر
راءِ نوگهڻ
بلاذري
ڀڳت ٽڪيارام
سيد بچل شاھہ تابش نقوي
راشده علي پروفيسر
جيلاني سيد ڪرم ﷲ شاھہ
پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون