انور وسطڙو  ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي)

انور وسطڙو ( راڳي ):انور وسطڙي جو جنم 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿيو . شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين . نائين جماعت هاءِ اسڪول ٺاروشاھہ ۾ پڙهيو . پوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين . اسڪول ڇڏڻ کانپوءِ ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو ، اهو ڌنڌو سندس پيءُ ۽ ڀائر بہ ڪندا هئا . ٻيڙين ٻڌڻ دوران محمد رفيع ۽ چندر جا ڪلام ٻڌندو هو ۽ انهن کي جهونگاريندو هو . اتان کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ استاد محمد صالح خاصخيليءَ جو شاگرد ٿيو ۽ ترت پوءِ استاد منظور علي خان کان ڌاڳو ٻڌايائين . 1976ع کان هن ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳائڻ شروع ڪيو ، ڪيترين فلمن ۾ پڻ ڳاتائين . پنجابي فلم ” وفاياران دي “ سنڌي فلم ” پرديسي ۽ پيار “ ” پرو چانڊيو “ جا گانا ڳاتائين . هن ڪجهہ عرصو اداڪاري بہ ڪئي . هن سنڌ اندر مختلف ثقافتي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي . مصري شاھہ اوارڊ ۽ لطيف ايورڊ مڃتا طور مليا اٿس .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.00.00  عيسوي

انور وسطڙو ( راڳي ) : -انور- وسطڙي جو جنم 1940ع ڌاري ڳوٺ مچر ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي عبدالرسول
فضل حق قريشي دهلوي
سوامي هردارام
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
سوامي غريب داس
اياز عالم ابڙو
بھاول خان عباسي4
شھباز دراني
احمد ھالائي مخدوم
اڪبر حسين راشدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون