انيتي ڍنڍ

انيتي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ تعلقي خيرپورناٿن شاھہ ۾، وسائي ڳوٺ جي ڀرسان خانپور شھر جي اوڀر ۾ آهي. ”وسايو ڳوٺ“ اُتان ڪڏهن وهندڙ پراڻ درياھہ جو ڄڻ تہ بندر هو. قاضي برهان الدين وارو مقام، جنهن کي ’قاضي برهڻ‘ جو مقام بہ چوندا آهن، هن ڍنڍ جي اولھہ ۾ ويجهو آهي. هيءَ ڍنڍ تمام پراڻي آهي، جيتوڻيڪ هاڻي ايراضيءَ ۾ ٿوري بچي آهي، پوءِ بہ چڱي ڍنڍ آهي ۽ فشريز کاتي مان ٺيڪي تي کڄندي آهي. سياري ۾ جڏهن پرديسي پکي سنڌ ۾ ايندا آهن تہ هن ڍنڍ تان بہ ڀيرو ڪندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي بہ سٺي مرندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو