انيس المساڪين ( راحت السالڪين )

انيس المساڪين (راحت السالڪين) (ڪتاب ):قاضي غلام هادي مرحوم جو سنڌ جي صوفي تحريڪ تي لکيل هيءُ مفصل ڪتاب ٻارهن بابن تي مشتمل آهي. ورهاڱي کان اڳ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق بہ ڪي اهم ڳالهيون لکيون ويون آهن، مثلاً: شاھہ عنايت صوفيءَ واري جنگ وغيرہ. هن ڪتاب جي عنوانن جي فهرست مان ڪتاب جي اهميت جو اندازو ٿيندو. هيءُ ڪتاب بيدل سائينءَ جي مجازي دوست ميان پيرمحمد جي صاحبزادي ميان غلام مهدي مرحوم، لکاسنگهہ وڪيل روهڙيءَ واري جي تحريڪ تي تصنيف ڪيو. ڪتاب جي ابتدا ۾ نظم آهي ۽ تصوف جو ٿورو احوال بيدل جي تاليف ”فوائدالمعنويءَ“ مان ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ هيٺينءَ طرح باب ۽ مضمون آندل آهن:
باب پهريون: تصوف سنڌ ۾ ڪيئن آيو؟ شاھہ عنايت صوفيءَ جو جنم ۽ ننڍپڻ جو احوال.
باب ٻيو: مرشد جي ڳولا ۾ نڪرڻ، مرشد جي ڪچهري، سنڌ ۾ اچڻ، شاھہ شھيد جي شادين جو ذڪر، يارمحمد ڪلهوڙي جو ضد پوڻ، لڙائيءَ جو بيان (18 ذوالقعد 1129ھہ/ آڪٽوبر 1716ع کان 11 صفر 1130 ھہ/جنوري 1717ع تائين ڪلهوڙن جو دور هو)، سندن ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي همراهن سميت شهادت، سر مبارڪ جو دهليءَ وڃڻ، سر مبارڪ جي مخدوم ٺاري ۽ هڪ ٻئي فقير سان گفتگو، دهليءَ ۾ سر مبارڪ جي پهچڻ جون وارداتون ۽ سنڌ ڏانهن موٽڻ.
باب ٽيون: حضرت شھيد جي خليفن جو بيان، مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي، ساقي نامہ جان شاھہ، ميخانه مير شاھہ رضوي'>جان شاھہ رضوي، مير قلندر علي شاھہ جو بيان، ميان باقر علي شاھہ جو بيان، سر صوفي قلندر علي شاھہ، مير منور علي شاھہ ۽ مير فتح علي شاھہ جو بيان، مير سيد ميان علي اڪبر جو بيان، سيد ميان جان شاھہ ٽئين جو بيان، شاھہ عبدالطيف ٺٽويءَ جو بيان، خليفي شاھہ عبدالڪريم ٺٽويءَ جو بيان، خليفي اسحاق فقير جو بيان، خليفي محمد صديق جو بيان، خليفي خواجہ عبدالله جو بيان، خليفي سليمان هند جو بيان، خليفي ابن جو بيان ۽ خليفي ميان محمد اسماعيل شاھہ ٺٽويءَ جو بيان.
باب چوٿون: حضرت صوفي صاحب جو اولاد، شاھہ خليل جو بيان، شاھہ عزت جو احوال، شاھہ غلام قلندر جو بيان، ڀِٽ تجل شريف ۾ سندن حالات، تجل ڳوٺ جو ٻڌجڻ ۽ سندن روضي مبارڪ جو احوال.
باب پنجون: حضرت صوفي صاحب جي گاديءَ جو ڦُرجڻ، پير محمد زاهد شاھہ جو بيان، ميان ابراهيم شاھہ ثالث جو بيان، شاھہ فضل قلندر جو بيان، مخدوم پني لڌي جو بيان، شاھہ فضل جو ڪنبي جي کوھہ تان ميرانپور هلڻ ۽ شاھہ فضل جي وفات جو بيان.
باب ڇهون: شاھہ فضل جي ٻن خليفن جو بيان، فقير محمد صادق جو بيان، فقير ميان عبدالله جو بيان، سيد فتح الدين شاھہ جھانيان پوٽي حيدرآباديءَ جو بيان، ۽ مدئي فقير حجام جو بيان.
باب ستون: شاھہ عزت ثانيءَ جو بيان ۽ شاھہ رحمت قلندر جو بيان.
باب اٺون: شاھہ ابراهيم چوٿين جو بيان ۽ مخدوم ميان زاهد جو بيان.
باب نائون ۽ ڏهون: ميرانپور جي گاديءَ جي تجل شريف وارن بزرگن جي هٿ اچڻ ۽ عبدالستار سجادہ نشين جو بيان.
باب يارهون: عبدالستار جو سجادہ نشين ٿيڻ ۽ مخدوم شھاب الدين جو بيان.
باب ٻارهون: سرنامو ڇا آهي؟


هن صفحي کي شيئر ڪريو