انيس فاطمہ سومرو ڊاڪٽر

انيس فاطمہ سومرو، ڊاڪٽر: شاھہ لطيف جي پارکوءَ ڊاڪٽر انيس فاطمہ سومرو جو تعلق ڪراچيءَ جي قديم وسندي ’لياريءَ‘ جي هڪ سڄاڻ خاندان سان هو، جنهن ۾ نياڻين جي تعليم جو آڳاٽو رواج هو. انيس فاطمہ جي فائنل پاس ناني لياريءَ جي اسڪول ۾ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ استاد رهي هئي، اهڙِيءَ طرح انيس فاطمہ بہ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ڪيترو وقت ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور ذميواريون انجام ڏنيون.
ڊاڪٽر انيس فاطمہ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون“ جي موضوع تي، ڊاڪٽر اياز قادري جي نگرانيءَ ۾ مقالي لکڻ جي شروعات ڪئي. ڪجهہ عرصي بعد جڏهن ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪئي تہ هن ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي نگرانيءَ ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو مڪمل ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. انيس فاطمہ هيءَ تحقيقي ڪم پُڄاڻيءَ تي پھچايو ئي مس، جو کيس ڪينسر جهڙو موذي مرض وڪوڙي ويو، ۽ هوءَ ڪيترو وقت انهيءَ بيماريءَ سان جهيڙيندي رهي. جڏهن سندس ڪتاب جو مهورت پئي ٿيو، تڏهن بہ هوءَ انهي بيماريءَ جي حالت ۾ شريڪ ٿي هئي، پر پوءِ سُتت ئي 2007ع ۾ هن وفات ڪئي. سندس تحقيقي مقالو شاھہ لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو