انيل ڪُن: انيل ڪن هنگلاج مندر آڏو ”چوراسي جبل“ تي آهي. انيل، هوا ديوتا جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته ڪن جي معنيٰ آهي، تلاءُ. ان ريت انيل ڪن جي معنيٰ ٿي ”هوا ديوتا جو تلاءُ“. هن ماڳ تي انهيءَ نالي پوڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به سبب ڪونهي ته پاڻيءَ جو اهو تلاءُ جبل تي مٿانهينءَ تي آهي. ٻيا سڀ تلاءَ هيٺانهن هنڌن تي، مختلف اوچاين تي آهن. هن ڪُن ڏانهن وڃڻ جو رستو آساپورا وٽان آهي. ميل کن چڙهائيءَ کانپوءِ لهڻو پوي ٿو، جتي ميدان آهن. جي جي ڊيگهه ويڪر عام پير جيتري آهي. اڳواڻ هتي اڌ ڪلاڪ کن ترسي ٿو ۽ ياتري ڀڄن پڙهن ٿا. هتان اڌ فرلانگ تي گورک ناٿ جي ڌوڻي آهي. هتي به ياتري ترسن ٿا ۽ پٿرن جا ننڍڙا ننڍڙا گهر ٺاهين ٿا. عقيدي موجب جيڪو هتي گهرڙو ٺاهيندو. ان کي سرڳ ۾ محل ملندو. اڳتي ٽي وڏا کوهه (تلاءَ) آهن، جن کي انيل ڪن چئجي ٿو. هڪ ڪن يا تلاءَ جي گولائي 12 فوٽ کن آهي ۽ انهن مان پاڻي ٻڙڪي نڪري ٿو. ساڳيو پاڻي چئن ميلن جي ٽٻيءَ کان پوءِ ڪٿي ڪٿي ظاهر ٿي نيٺ هنگلاج ديويءَ جي مندر وٽان لنگهي ٿو. ياتري هن تلاءَ جو پاڻي پيئندا به آهن ته بوتلن ۾ ڀري گهر به کڻي ويندا آهن. هن کوهه تي ياتري هٿ منهن ڌوئي پاڪائي ڪندا آهن.
هن ڪن ۾ جيڪي تري ڄاڻن سي هڪ ڇپ مٿان بيهي ٽپو ڏيندا آهن ۽ وَنگ جهڙي هڪ لنگهه مان ٻئي پاسي پهچندا آهن. ائين ڪرڻ سان سمجهيو ويندو آهي ته ان سان گناهه ڌوپجي وڃن ٿا ۽ ماڻهو پاڪ پوتر ٿئي ٿو. هڪ عقيدي موجب انيل ڪن ۾ سنان ڪرڻ سان انسان چوراسي لک جنمن جي چڪر کان مڪتي حاصل ڪري ٿو. شايد ان ڪري ئي هن جبل جو نالو ”چوراسي“ آهي. هندو ياتري هتي به ناريل سان پوجا ڪن ٿا يا پاڻيءَ ۾ زور سان ناريل اڇلائين ٿا. جيڪڏهن پاڻيءَ جا ٻڙڪا چڱيءَ مقدار ۾ اڀريا ته اهو فرد سمجهندو ته سندس گناهه معاف ڪيا ويا .