انينا فدا
انينا فدا: مشھور صوفي گلوڪاره، آرٽسٽ ۽ موسيقار انينا 22 فيبروري تي فدا جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق نيو جتوئي (ضلعي نوشھري فيروز) سان آهي. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. فني سفر جي شروعات آمريڪا مان ڪئي. راڳ جي ابتدائي سکيا آمريڪا مان وٺڻ کانپوءِ وڌيڪ سکيا ڪراچي مان استاد شاهد حميد ۽ استاد طالب حسين کان ورتي. پاڪستان سميت اٺن (8) کان مٿي ملڪن ۾ پرفارم ڪري چڪي آهي. ان کان علاوه مختلف ٽي وي چئنلن تي ميزباني پڻ ڪري چڪي آهي، جن ۾: ’رقص روح‘، ’ڀليڪار‘، ’منھنجي ڌرتي منھنجا ماڻهو‘ ۽ ’ڌنڪ‘ FM-07 ڪراچي شامل آهن. سندس فني خدمتن عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن وقت مختلف ملڪن ۾ پرفارم ڪرڻ سميت ڌرتي ٽي. وي جي پروگرام ’تند تنوار‘ جي ميزباني ڪري رهي آهي.