انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد

انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد: انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد، هڪ اشاعتي مرڪز آهي، جيڪو 1997ع ۾ قائم ٿيو. هن اداري پنھنجي قيام کان هن وقت تائين مختلف موضوعن تي مختلف شخصيتن ۽ ادارن جا 600 کان مٿي ڪتاب، رسالا ۽ سووينئر ڇپايا آهن. جن ۾ تحقيق، شاعري، فڪشن (ناول، ڪهاڻيون)، سفرناما، لغتون، ٻولي ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا. هن اداري جو بانيڪار ۽ چيف ايگزيڪيوٽِو موهن ’مدهوش‘ آهي. جنهن پنھنجي ٽيڪنيڪي ۽ تخليقي صلاحيتن موجب ڪتابن، رسالن وغيرہ جي ڇپائيءَ ۾ جدت ۽ معيار کي قائم رکيو آهي. ڪويتا پبليڪيشن جي ساٿ سان هن اشاعتي مرڪز هن وقت تائين سنڌ جي هيٺين نامور شاعرن، اديبن ۽ محققن جا ڪتاب ڇپايا آهن: شيخ اياز، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر غلام لاکو، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر قاضي خادم، عبدالقادر جوڻيجو، ماهتاب محبوب، اياز گل، تاج جويي، اشتياق انصاري، ريٽا شهاڻي، گوبند خوشحالاڻي، گورڌن گهايل، نصير مرزا اچي وڃن ٿا. هي ادارو سنڌ جي ٻين اهم پبلشنگ ادارن سنڌيڪا، روشني، نيو فيلڊس، سنڌي ساهت گهر وغيرہ جي مالها جو هڪ موتي آهي. انٽيل ڪميونيڪيشنز جي آفيس حيدر چوڪ، حيدرآباد ويجهو 9- ربي چيمبرز ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1997.00.00  عيسوي

انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد: انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد ، هڪ اشاعتي مرڪز آهي ، جيڪو 1997ع ۾ قائم ٿيو .



اشاعتي ادارا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فينيڪس بوڪس
سنڌيڪا اڪيڊمي
گلستان پبليڪيشن احمد آباد
اسلاميہ دارلاشاعت
سنڌي ادب محل پبليڪيشن
ڪنول پبليڪشن قنبر
پوڪرداس اينڊ سنز
ڪويتا پبليڪيشن
زندگي پبليڪيشن حيدرآباد
ادب اشاعت گهر
اشاعتي ادارا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون