اِنڊا: پرائمري جي تعليم پراڻي درجي جي شاگردن لاءِ استاد ڪاٺ جي پٽيءَ تي پينسل سان ڪجهہ اکر (لفظ) لکي ڏيندا هئا، جن جي مٿان مَس سان انهن اکرن کي ٿلهو ڪبو هو. انهيءَ مشق سان ٻارن جا اکر سھڻا ٿي پوندا هئا. ان کي اِنڊا ڀرڻ چوندا آهن. ان وقت سهڻن اکرن کي اڌ علم جي برابر سمجهيو ويندو هو، اڄ جڏهن اهي طريقا ختم ٿي ويا آهن تہ گريجوئيٽ ٿيڻ باوجود اڪثر استادن جا اکر پڙهڻ جوڳا نہ آهن.