انڊس سولائزيشن ان سوراشٽر

انڊس سولائزيشن ان سوراشٽر (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب مشهور ”سنڌيالاجسٽ“ (Sindhiologist) گريگوري ايل.پوشيل جي ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جو مقالو آهي. هي مقالو بنيادي طرح سان سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Past Urban Phase) جو اڀياس آهي، جنهن ۾ سنڌو تهذيب جي مرڪزي علائقي مان شهري ماڻهن جي ڀاڄ ۽ ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان وارا ماڳ وسائڻ جو ذڪر آهي. هن ٻڌايو آهي ته سنڌوءَ تهذيب جي عروج واري دور (1600-2300) کان ڪئين هزار سال اڳ ڏوٿي (Gatharers) ۽ شڪاري (Hunters) دور ۾ به اهي ماڳ سنڌ ۽ ڏکڻ هندستان جي مارو لوڪن جي ميلاپ جا هنڌ هئا، ڏوٿي ۽ شڪاري قبيلا اتي پيٽ قوت لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئا. جڏهن ته سانگي لوڪ (مالوند ماڻهو) ۽ پوءِ واري زرعي دور (Agriculture Society) جا آڳاٽا سنڌي ڪڇ ۽ گجرات جي جالاري جوءِ ۽ ساين سيمن تي مال پهرائيندا ۽ پوکي راهي ڪندا هئا. گجرات ۾ ڪاري ڪپهه ۽ بوسي پوک ڪندا هئا. انهن علائقن ۾ نئين پٿر جي دور (Newlitic) جون اهڙيون دريافتون (Findings) مليون آهن، جن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اتي روهڙيءَ جي جبل وارا پٿر اوزارن طور ڪتب آندا ويندا هئا. گريگور ايل.پوشيبل هن ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي مرڪزي شهرن جي زوال کان پوءِ هنن علائقن ۾ آباد سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جي معاشي هلچل جو ذڪر ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪڇ جي 89 ماڳن ۽ گجرات جي 200 ماڳن ۾ ڪي ماڳ سنڌي تهذيب جي مرڪزي شهر موهين جي دڙي ۽ هڙاپا جا همعصر هئا، جھڙوڪ: گجرات جو ماڳ ”لوٿل“ (Lothal) ۽ ڪڇ (Kutch) جو ماڳ ”ڍول ويرا“ (Dhol Vira). هي مقالو ڪتابي شڪل ۾ انڊين آرڪيالاجي شعبي 1980ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران هي ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو