انڊس فلوٽيلا

انڊس فلوٽيلا

انڊس فلوٽيلا

انڊس فلوٽيلا: انڊس فلوٽيلا بار بردار جهاز هو، جيڪو 1859ع ڌاري قائم ڪيل برطانيا سرڪار جي ڪمپنيءَ Indus Steam Flotilla سنڌو درياهه تي بار ڍوئڻ لاءِ ڪم آندو. سنڌو درياهه ۾ ٻيڙين وسيلي آمد رفت ۽ وڻج واپار اوائلي دور کان جاري رهيو آهي. پر سنڌوءَ ۾ جديد جهاز رانيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ ٿي. هندستان تي قبضي کانپوءِ انگريزن جديد جهاز رانيءَ جي شروعات سنڌ مان ڪئي. هونئن ته سنڌو درياهه ۾ پهريون وڏو ٻيڙو ’انڊس‘ 1835ع ڌاري هلايو ويو، پر ان کان پوءِ انگريزن (Planet) ۽ (Satellite) نالي ٻه ٻيا ٻيڙا سنڌو درياهه ۾ هلايا. انهن ٽنهي ٻيڙن کي انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ وقت استعمال ڪيو هو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌو درياهه ۾ هڪ ننڍو جهاز بيهاري ڇڏيو، جنهن لاءِ نيويءَ جو هڪ آفيسر به مقرر ڪيو ويو. 1852ع ڌاري انگريزن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پاڻيءَ جو هڪ ننڍو جهاز هر پندرهين ڏينهن ٽپال لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت سرڪاري سطح تي برصغير ۾ ٽپال جي ابتدا به سنڌوءَ درياهه وسيلي سنڌ مان ڪئي وئي.
سنڌ تي قبضي کانپوءِ جڏهن انگريزن سنڌو درياهه کي واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان لاءِ سڀ کان پهريائين 1856ع ڌاري “Oriental Inland Steam Company” قائم ڪئي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي برطانوي سرڪار ساليانو 50 هزار روپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڪمپنيءَ اڍائي لک پائونڊ جي سيڙپڪاريءَ سان برصغير ۾ ’اسٽيم ٽرين‘ هلائڻ جو برطانيا سرڪار سان ٺاهه ڪيو، پر بد انتظامي جي ڪري ترت ئي ان ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ ان 1869ع ڌاري پنهنجو ٻيڙو وڪرو ڪري ڇڏيو. 1859ع ڌاري انگريز سرڪار جي ڪوشش سان ”Indus Steam Flotilla“ جي نالي سان ڪمپني ٺاهي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي انگريز سرڪار ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ تعمير هيٺ ريلوي لائين وڇائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سمنڊ وٽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي سطح مٿي هئڻ جي ڪري انگريز سرڪار سنڌ جي قديم شهر جهرڪ ۾ ’انڊس اسٽيم فلوٽيلا‘ جو بندرگاهه ٺاهيو، جيڪو برطانيا سرڪار پاران سنڌ ۾ قائم ٿيل پهريون بندرگاهه آهي. ان دور ۾ جهرڪ ويجهو سنڌو درياهه انتهائي گهرو هو، تنهن ڪري اتان جهاز جي آمد رفت آسانيءَ سان ٿي پئي سگهي. بندر ٺهڻ ڪري جهرڪ تمام گهڻي ترقي ڪئي. انڊس فلوٽيلا تي جهرڪ ۾ سامان چاڙهڻ کان اڳ ٻاهران ايندڙ سامان ڪراچي ڪياماڙيءَ تي لاٿو ويندو هو، جتان اهو سامان سنڌ، پنجاب ۽ سرحد ڏانهن درياهه وسيلي موڪليو ويندو هو. سنڌو درياهه ۾ هلندڙ وڏا جهاز ڪوئلي تي هلندا هئا ۽ اهي ملتان ۽ اٽڪ کان ٿي ڪالاباغ واري هنڌ تائين ويندا هئا. 1859ع ڌاري ڪراچي هاربر کان گذريءَ تائينءَ پٽڙي وڇائجي وئي. جنهن بعد ڪياماڙيءَ کان سامان ريل رستي گذري، ڪراچيءَ تائين ايندو هو، اتان ٻيڙين ۾ وجهي سمنڊ وسيلي انڊس ڊيلٽا وارو رستو وٺي جهرڪن تائين پهچايو ويندو هو. سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر حسن علي آفنديءَ پڻ ابتدائي زندگيءَ ۾ جهرڪن ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو هو، اتي سندس ڪم ايندڙ ويندڙ سامان جو رڪارڊ رکڻ هو. انهن ڏينهن ۾ سندس ڏيٺ ويٺ جناح پونجا سان ٿي ۽ پوءِ هي ڪراچيءَ هليو ويو ۽ سنڌ مدرسو قائم ڪيائين. جتي جناح پونجا پنهنجي پٽ محمد عليءَ کي وڌيڪ تعليم لاءِ وٽس موڪليو، اهو نوجوان اڳتي هلي محمد علي جناح جي نالي سان پاڪستان جو باني ٿيو. 1861ع ڌاري ڪراچي 4 نمبر کان ڪوٽڙيءَ تائين ريل جي پٽڙي وڇائي وئي پوءِ جهازن تي ويندڙ سامان ريل رستي وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ريلوي جي پٽڙي وڇائجڻ کانپوءِ درياهه رستي آمد رفت گهٽجڻ لڳي ۽ ائين انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي اهميت گهٽجڻ لڳي، پر 1862ع تائين هن ڪمپني جي اٽڪ تائين سروس جاري هئي. ساڳئي سال انڊس نيويءَ کي ختم ڪري ان جا ٻئي جهاز انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ حوالي ڪيا ويا. بعد ۾ سنڌوءَ مان جهاز رستي دهليءَ سامان انڊس فلوٽيلا وسيلي پهچايو ويندو هو. 1865ع ڌاري ڪراچيءَ کان ملتان، لاهور ۽ دهليءَ تائين ريل جي پٽڙي وڇائي وئي جنهن بعد انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي اهميت مڪمل طور ختم ٿي وئي ۽ ڪراچيءَ کان ڪارگو ريل رستي وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌو درياهه وهڪري رستي ڪراچيءَ کان ملتان تائين ڪارگو 40 ڏينهن ۾ پهچندو هو، ان جي ڀيٽ ۾ ريل جو سفر تڪڙو ۽ بهتر ڪيو ويو، انڊس فلوٽيلا لنڊن جي “Bivekenhead” ڪمپنيءَ ۾ انگريز انجنيئر “John Bruntou” ٺاهيو، جيڪو بعد ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ريلوي ٽريڪ وڇائڻ لاءِ چيف انجنيئر به مقرر ٿيو. ڪراچيءَ جي ٽرام وارو ٽريڪ به ساڳئي انجنيئر ٺاهيو هو. 1870ع ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ کي ريلوي ۾ ضم ڪري، ان جو هيڊ ڪوارٽر لاهور منتقل ڪيو ويو. 1878ع ڌاري ريلوي ٽريڪ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 83-1882ع ڌاري انڊس فلوٽيلا کي بند ڪيو ويو، پر تنهن باوجود انڊس فلوٽيلا جو اسٽيم ڪيترن سالن تائين درياهه ۾ هلندو رهيو. 1907ع جي گزيٽيئر مطابق انڊس اسٽيم فلوٽيلا کي ڪوٽڙي ۾ رکيو ويو. انڊس اسٽيم فلوٽيلا بابت نامور تاريخدان مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سکر‘ ۾ لکيو آهي ته: انهن ڏينهن ۾ ’انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ‘ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا مان شير شاهه ۽ ملتان مال ڍوئيندا هئا، جن سان فلاٽون ٻڌندا هئا. مال آڻيندا هئا جيڪو ڪراچيءَ کان ولايت ويندو هو ۽ ولايتي مال سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن کي پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ جا دفتر کوليا ويا.سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري هشت پهلو عمارت ۾ ٽرئفڪ جي آفيس کولي وئي هئي، ان کان اڳ ۾ ٻيڙين وسيلي جيڪو اناج سکر پهچندو هو، سو وڻن هيٺيان ڍڳ ڪري رکندا هئا. مگر انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي باقاعدي سروس کلڻ کان پوءِ بندر تي ريلوي ڦاٽڪ لڳ هڪ وڏو گدام مال رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو، جيڪو اڄڪلهه نواب فئڪٽري ڪوٺجي ٿو. سکر بندر تي هيءُ پهريون گدام هو. 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ پنجاب کان ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو ۽ هتان ريل گاڏين ۾ چاڙهي ٻين هنڌن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هن بندر تي هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا. جهازن جي گودي به ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ٿي آئي. انهيءَ سموري عرصي دوران ڪوٽڙي بندر کي وڏي اهميت ملي ۽ ڪوٽڙي سنڌ جو بمبئي بندر بڻجي ويو. انهن ڏينهن ۾ لاهور کان ملتان تائين ريلوي لائين کلي هئي. آگبوٽ ڪوٽڙيءَ کان ملتان تائين چڪر هڻندا هئا. ڪوٽڙيءَ کان ملتان جي وچ ۾ سکر واپار جو مشهور بندر هو، جنهن جي گهاٽن ۽ پتڻن کي 1860ع ۾ گهڙيل پٿرن سان مضبوط ڪيو ويو ۽ جهازن جي آمد رفت جي سلامتيءَ لاءِ هاڻوڪي سکر ميونسپالٽيءَ جي ٽاور واري عمارت کي ’سنگل هائوس‘ ٺاهيو ويو، جنهن مٿان اڄ تائين بتيون لڳل آهن. پوءِ هن عمارت کي ميونسپل هال ۽ لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو. اڳتي هلي اورينٽل انڊس اسٽيم ڪمپني جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ پوءِ 1869ع ۾ هن ڪمپنيءَ کي وڪيو ويو.


لفظ انڊس فلوٽيلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو