انڍڙ

انڍڙ: هڪ ذات جو نالو، جيڪي گهڻو ڪري اُتر سنڌ ۾ رهن ٿا. انڍڙ پهريائين هندو هئا، پوءِ مسلمان ٿيا. اهي گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور ۾ رهندڙ آهن. مسلمان ٿيڻ وقت هنن پنهنجا جڻيا لاهي، پير موسيٰ نواب جي درگاھہ تي رکيا هئا. هن ذات مان مولوي عبدالقادر انڍڙ مشھور هاري ليڊر ٿي گذريو آهي. مولوي عبدالواحد سنڌي مرحوم، نئين زندگيءَ جو اڳوڻو ايڊيٽر بہ انڍڙ ذات مان هو.


لفظ انڍڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو