انڙ

اُنَڙ: سنڌ جي سماٽ قبيلن جو هڪ شخص، جنهن جي نالي پٺيان ”انڙ“ ذات جو بنياد پيو. سماٽن لاءِ روايت آهي تہ سام جو اولاد آهن. سنڌ جي سمن جو ڏاڏو ’هسپت‘ هو. اُنڙ انهيءَ هسپت جو اولاد آهن. انڙن جو شجرو تحفة الڪرام موجب هيٺينءَ ريت آهي:
اُنڙ پٽ لاکو پٽ لاکير پٽ اُڍو پٽ اوڍر پٽ نوتيار پٽ نيٽ، جيڪو هسپت جو پوٽو هو. اُنڙ جي پيءُ لاکي کي ٻہ گهر واريون هيون. ”بٺي چاره“ نالي گهر واريءَ مان کيس اُڍو، مُهڙ ۽ ٻہ ٻيا پٽ ٿيا. ٻيءَ گهرواريءَ مان اُنڙ، ڇُٽو، ڦل لاکو ۽ مناهي ٿيا.
سنڌ ۾ سمن جو پهريون حاڪم ڄام فيروزالدين انڙ هو، جنهن جو اولاد ڪافي وڌيو ۽ سنڌ ۾ پکڙيو. سندس نالي جي ئي نسبت سان، پوءِ سنڌ ۾ ”انڙ“ قبيلو مشھور ٿيو. هن وقت هي قبيلو قديم لاکاٽ پرڳڻي (موجودہ سڪرنڊ ۽ دولت پور صَفَن تعلقن) ۾، اڪثريت سان رهي ٿو. ”انڙ“ قبيلي جي دعويٰ آهي تہ اُهي سموري ”سماٽ“ برادريءَ جو سردار قبيلو آهن، اُن ڪري اڄ تائين انڙ ”ڄام“ لقب اختيار ڪيو اچن. سنڌ ۾ هلندڙ دؤر ۾ انڙ قبيلي جا ڪيترائي مشھور ماڻهو ٿيا، جن ۾ رئيس علي نواز خان انڙ، رئيس رسول بخش انڙ، حاجي غلام حسين انڙ (سابق ايم پي اي)، بيگم گلزار انڙ (سابق ايم پي اي)، رسول بخش انڙ وڪيل، الطاف حسين انڙ، خان انڙ'>بھاول خان انڙ، تماچي انڙ'>ڄام تماچي انڙ (موجودہ ايم. پي. اي) وغيرہ شامل آهن .


لفظ انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو