انڙ انڙائي

انڙ انڙائي: ڄام مھڙ ۽ ڄام مناهي، سنڌ جي سمن مان پهريان مک سردار هئا، جن سومرن جي دور جي وچ ڌاري ڪڇ ۾ سمن جي طاقت جو بنياد وڌو. ڪڇ جي روايت موجب ڄام مھڙ ۽ ڄام مناهي پهريان سما سردار هئا، جي سنڌ مان آيا ۽ اچي ڪڇ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪيائون. انڙ انڙائيءَ جي ڳالھہ انهيءَ دور سان تعلق رکي ٿي ۽ ڪڇ جي روايتن سان گهڻي قدر ملي ٿي. البته ڪڇ جي روايتن موجب مھڙ ۽ مناهي پنھنجي ڀاءُ انڙ کي مارايو، انهيءَ ڪري کين سنڌ ڇڏڻي پئي. مگر انهيءَ روايت جي تصديق نہ ٿي ٿئي. ان کانسواءِ سمن جي مختلف شجرن ۾ پڻ انڙ جو اولاد ڄاڻايل آهي. جنهن مان اندازو آهي تہ انڙ سنڌ ۾ ڄام ٿي رهيو ۽ مھڙ ۽ مناهي وڃي ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو