اُنڙ پور: هيءُ اڳوڻي دادو ۽ موجودہ ڄامشوري ضلعي جو مشھور قديم شھر آهي، جيڪو ڄام انڙ سمي ٻڌرايو هو. هن وقت تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ آهي ۽ گهڻي وسنديءَ وارو شھر آهي. هن شھر جي ويجهو، علي آباد کان هيٺ هڪ اولياءُ الله، عابد ۽ زاهد شخصيت، مخدوم ساهڙ جو قبو آهي، جيڪو مخدوم بلاول جو خليفو ۽ بلاولي تحريڪ سان وابستہ هو.
مخدوم ساهڙ ڪرامت جو صاحب هو. هڪ ڀيري پاڻ جڏهن مٽياري شھر ۾ ويو تہ اُتي سمهڻ مھل پير ڊگهيري نہ سُتو ۽ چيائين تہ ”هتي چؤطرف ساداتن جا گهر آهن، بي ادبي ٿيندي“. سندس چوڻ هو تہ ”ان ماڻهوءَ کي مرشد يا پير ڪري مڃجي، جنهن ۾ هيٺيون ٽي خاصيتون هجن: هڪ خاصيت اها تہ جڏهن وٽ ويهجي تہ خدا ياد پوي، ٻي اها تہ هن کي ڇڏڻ ڏکيو لڳي، ۽ ٽيون هيءُ تہ جيڪا ڳالھہ ڪري تہ ان جو دل تي اثر پوي.“
انڙپور جو تاريخي ماڳ، ڪوٽڙيءَ کان ٻاويھہ ميل اتر طرف آهي. روايتن موجب اهو ٽيون ڀيرو وسايل ڳوٺ آهي ۽ تاريخ ۾ بيان ڪيل انڙپور کان ڇھہ ميل اولھہ طرف آهي؛ هيءُ ڳوٺ 1592ع ۾ اڃا بہ ڪجهہ اوڀر طرف هو ۽ درياھہ جو مکيہ وهڪرو ”ٻهريءَ“ کان ٿورو پنڌ اولھہ تي وهندو هو ۽ ٻهري اڄ جيان اڳي بہ درياھہ جي ساڄي پاسي وسندڙ هئي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڳوٺ جو وڏو حصو درياھہ پائي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو تہ اهو ڳوٺ ڪافي وڏو هوندو، ڇاڪاڻ تہ درياھہ جي پائي وڃڻ کان پوءِ اُن جو ڪجهہ حصو اڃا بہ موجود آهي.
پراڻن ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هيءُ شھر ڏاڍو خوبصورت هوندو هو. هن شھر ۾ هڪ قلعو بہ ٺهيل هو، جو پوءِ سيلاب يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري ختم ٿي ويو. شھر جي منڍ ۾ سامهون هڪ عاليشان دلي دروازو هو. دروازي کان وٺي شھر تائين فانوس هوندا هئا، جيڪي رات جو روشني ڪندا هئا.
انڙپور جي ڀرسان هڪ ٻيلو بہ آهي، ان ۾ وقت جا امير شڪار ڪندا هئا. بهرحال ورهاڱي کان پوءِ گهڻي تبديلي آئي آهي. هن وقت هتي هڪڙي اسپتال ۽ پرائمري اسڪول آهي. هن علائقي ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ انڙ، ميمڻ، کوسا ۽ ماڇي گهڻائيءَ ۾ آهن .