اُنڙ پور: هيءُ اڳوڻي دادو ۽ موجوده ڄامشوري ضلعي جو مشهور قديم شهر آهي، جيڪو ڄام انڙ سمي ٻڌرايو هو. هن وقت تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ آهي ۽ گهڻي وسنديءَ وارو شهر آهي. هن شهر جي ويجهو، علي آباد کان هيٺ هڪ اولياءُ الله، عابد ۽ زاهد شخصيت، مخدوم ساهڙ جو قبو آهي، جيڪو مخدوم بلاول جو خليفو ۽ بلاولي تحريڪ سان وابسته هو.
مخدوم ساهڙ ڪرامت جو صاحب هو. هڪ ڀيري پاڻ جڏهن مٽياري شهر ۾ ويو ته اُتي سمهڻ مهل پير ڊگهيري نه سُتو ۽ چيائين ته ”هتي چؤطرف ساداتن جا گهر آهن، بي ادبي ٿيندي“. سندس چوڻ هو ته ”ان ماڻهوءَ کي مرشد يا پير ڪري مڃجي، جنهن ۾ هيٺيون ٽي خاصيتون هجن: هڪ خاصيت اها ته جڏهن وٽ ويهجي ته خدا ياد پوي، ٻي اها ته هن کي ڇڏڻ ڏکيو لڳي، ۽ ٽيون هيءُ ته جيڪا ڳالهه ڪري ته ان جو دل تي اثر پوي.“
انڙپور جو تاريخي ماڳ، ڪوٽڙيءَ کان ٻاويهه ميل اتر طرف آهي. روايتن موجب اهو ٽيون ڀيرو وسايل ڳوٺ آهي ۽ تاريخ ۾ بيان ڪيل انڙپور کان ڇهه ميل اولهه طرف آهي؛ هيءُ ڳوٺ 1592ع ۾ اڃا به ڪجهه اوڀر طرف هو ۽ درياهه جو مکيه وهڪرو ”ٻهريءَ“ کان ٿورو پنڌ اولهه تي وهندو هو ۽ ٻهري اڄ جيان اڳي به درياهه جي ساڄي پاسي وسندڙ هئي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڳوٺ جو وڏو حصو درياهه پائي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو ڳوٺ ڪافي وڏو هوندو، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پائي وڃڻ کان پوءِ اُن جو ڪجهه حصو اڃا به موجود آهي.
پراڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هيءُ شهر ڏاڍو خوبصورت هوندو هو. هن شهر ۾ هڪ قلعو به ٺهيل هو، جو پوءِ سيلاب يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري ختم ٿي ويو. شهر جي منڍ ۾ سامهون هڪ عاليشان دلي دروازو هو. دروازي کان وٺي شهر تائين فانوس هوندا هئا، جيڪي رات جو روشني ڪندا هئا.
انڙپور جي ڀرسان هڪ ٻيلو به آهي، ان ۾ وقت جا امير شڪار ڪندا هئا. بهرحال ورهاڱي کان پوءِ گهڻي تبديلي آئي آهي. هن وقت هتي هڪڙي اسپتال ۽ پرائمري اسڪول آهي. هن علائقي ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ انڙ، ميمڻ، کوسا ۽ ماڇي گهڻائيءَ ۾ آهن .