انڙ ڪوٽ / کيرئين ڪوٽ: هن ماڳ جي بيھڪ ′٦٢ ◦٦٨ اوڀر ۽ ′٦٣◦٢٤ اتر ۾ آھي. ھي ڪوٽ بدين ضلعي، گولاڙچي تعلقي جي ديھہ کيرئين سروي نمبر ٤٥٦- ٤٤٩، جاتي کور واھہ رستي تي لغاري سم نالي سان چار پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. ڪوٽ زمين جي سطح کان ١٥ فوٽ کن مٿي ڏيڍ بلاڪ ۾ ورھايل آھي. ھن چوڪنڊي ڪوٽ جو ھر پاسو ٨٠٠ فوٽ ڊگهو آھي. ڪوٽ ۾ ٢٨ برج آھن. ڪوٽ جي ڀت جي ويڪر ٨ فوٽ آھي. ڪوٽ ۾ ٻن پاسن کان دروازن جا نشان ملن ٿا. اوڀر پاسي وارو دروازو ويڪر ۾ ٻن ڏاند گاڏين جي لنگهڻ جيترو آھي. ٻئي دروازي جا اولھہ پاسي نشان آھن. ڪوٽ ۾ ھڪ کوھہ جا آثار اوڀر اتر ڪنڊ تي بيٺا آھن. کوھہ جو قطر ڏھہ ٻارنھن فوٽ ٿيندو. سرن جي ماپ 13x1/2 -8x2 انچ آھي. ھي قلعو سمن جي پھرئين بادشاھہ ڄام فيروز الدين جي دور جو چئجي ٿو. جنھن کي شاھہ لطيف ڄام انڙ جي نالي سان ڏاتار ۽ سورھيہ طور ڳايو. سومرن جي آخري حڪمران ھمير سومري کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڄام انڙ سمن جو پھريون سردار ٿيو. اھو ٥١- ١٣٥٠ع جو واقعو آھي.