
انگور
انگور: هڪ قسم جو ميوو، جيڪو انگورن جي ول ۾ ٿيندو آهي. اِن جا داڻا کجور جيترا يا کجور کان ننڍا ٿين. هي ميوو جابلو ايراضيءَ ۾ ٿيندو آهي. هن جي پوک بلوچستان ۽ پاڪستان جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيندي آهي، جتي قديم دور کان ٿيندي اچي ٿي. تازي ميوي کي ”انگور“ سڏين ۽ سڪل انگورن کي ”مُنقا“ ۽ ”ڪشمش“ چئبو آهي. انگور دل، دماغ، جگر ۽ بڪين کي طاقت پهچائين ٿا. انساني جسم ۾ حرارت عزيزي پيدا ڪندڙ آهن. قدرت هنن ۾ پوٽاشيم، ڪئلشيم، فاسفورس جي لوڻياٺ کان سواءِ وٽئمن اي، بي، ڊي بہ شامل ڪيا آهن. انگورن مان بھترين شراب ٺهندو آهي. قرآن شريف ۾ بہ انگورن جو ذڪر آيو آهي. نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جن بہ انگورن کي پسند ڪيو آهي. انگورن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان شنڊوخاني (سُندرخاني)، حسيني، وڏو تور، مسقط مشھور آهن.