اَنگڙو: مَلھہ جو هڪ داءُ، جنهن ۾ هڪڙو ملھہ مخالف جي ٽنگ کي آڏڙي ڏيئي، پٺتي ڌڪي، ڪيرائي وجهي. ان داءُ کي ”جانٺو“ بہ چئجي.
وڻ مان ميوو وغيرہ پٽڻ لاءِ ڪاٺي يا لوھہ جي تار جو ڪنڍو، جيڪو ميوي جي ڏانڊيءَ ۾ وجهي ڇڪجي تہ ميوو پٽجي اچي، ان کي بہ انگڙو چوندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنڍو ننڍو هوندو تہ ان کي ”انگڙي“ چوندا آهن.