اهر

اَهُرِ: ڳاڙهي رنگ جو تمامس جهڙو ٻج، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم اچي. هن کي آهر بہ چون. ذائقي ۾ تيز ٿئي. هن جا ٽي قسم ٿيندا آهن: هڪڙي جبل جي آهر، ٻي پوٺن جي آهر ۽ ٽين باغن جي آهر. هي فصل سرءُ جي موسم ۾ پوکبو آهي.
طبي لحاظ کان معدي ۽ جيري جي سور کي فائدو ڪري ٿي. ڪنهن بہ عضوي ۾ سور ٿئي تہ اهُر کي گهوٽي سُرڪي ۾ ملائي، ڪاغذ تي مکي سور واري هنڌ تي رکڻ سان سور گهٽجي ٿو. آهر آچار ۾ کٽاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ بہ ڪم ايندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو