اهروي، عبدالمجيد ”ماجد“: عبدالمجيد ”ماجد“ پٽ فقير خاصخيلي (خليفو) 9 ذوالحج 1320ھہ/1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ انگريزيءَ جي تعليم وٺڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم قاضي عبدالقيوم جي صحبت ۾ طب سکڻ لڳو. گهرو مجبورين سبب انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ آيو ۽ پنھنجي گهر جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. ساڳي وقت ولهيٽ جي مدرسي ۾ مولوي عبدالڪريم ساند وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي ڪجهہ تعليم حاصل ڪيائين. اڳتي هلي طب جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. طب سان گڏوگڏ ڳوٺ ۾ ٻارن کي ديني تعليم بہ ڏيندو هو ۽ آخر وقت تائين ڳوٺ جي جامع مسجد جو پيش امام رهيو. سندس وڏا صوفي صادق فقير سومري جا مجاور هئا، تنهنڪري والد جي وفات کانپوءِ پاڻ بہ درگاھہ جو مجاور ٿي رهيو. عبدالمجيد اهروي 1995ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ صوفي صادق فقير جي مقام ۾ آهي.
عبدالمجيد کي شاعري ورثي ۾ ملي. شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ئي هاريءَ جي شان ۾ لکيل هڪ شعر سان ڪيائين. ننڍپڻ ۾ لکيل سندس واقعاتي شعر جيڪڏهن پڙهي ڏسبا تہ ڏاڍا دلچسپ لڳندا. 1952ع کان باقاعدي شاعري ۾”ماجد“ تخلص اختيار ڪيائين، سندس ڳوٺ جنهن هنڌ آهي، انهيءَ ديھہ جو نالو ”اُهر“ آهي. انهيءَ نسبت سا ”اُهروي“ چوائڻ ۽ لکڻ لڳو. صوفي قلندر بخش شهيد، محمد فقير کٽياڻ ۽ رکيل شاھہ ڀاڳناڙيءَ وارو سندس صحبتي هئا. عبدالمجيد ”ماجد“ بزم ادب، صوفي فقير جو آخر تائين جنرل سيڪريٽري رهيو. سندس ڪلام ڏوهيڙن، بيتن، ڪافين، نظمن، غزلن، مداحن، ٽيھہ اکرين، مناظرن، ٽيهين ڏينهن وغيرہ تي مشتمل آهي. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس ڪلام نصيحت آميز عشق محبت جي ذڪر سان ڀرپور آهي. سندس شاعريءَ ۾ فني پختگي بہ آهي. ڪلام جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. سندس ڪيترائي نظم ۽ قطعا تاريخي حيثيت رکن ٿا.
00.00.1915 عيسوي
عبدالمجيد ” ماجد “ پٽ فقير خاصخيلي ( خليفو ) 9 ذوالحج 1320هه/1915ع ۾ ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو .
00.00.1995 عيسوي
عبدالمجيد اهروي 1995ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي .