اوئي: پاڻيءَ وجهڻ جي ننڍي کلي، سانداري. اوئي ڪوهستان ۾ پاڻيءَ سان ڀري کڻندا آهن تہ جيئن سفر ۾ ڪم اچي. اِها ننڍي سانداري آهي، جيڪا ڇيلي جي کل مان ٺاهيندا آهن، جنهن ۾ ٻہ اڍائي ليٽر پاڻي پوندو آهي.