اوباما  بارڪ

اوباما بارڪ

اوباما بارڪ

اوباما، بارڪ: آمريڪا جي 44 هين صدر جي حيثيت سان قسم کڻندڙ ڪاري نسل وارو نئون چونڊيل صدر بارڪ حسين اوباما 4 آگسٽ 1961ع تي آمريڪي رياست ’هوائي‘ (Hawaii) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو واسطو ڪينيا سان هو، ٻن سالن جي عمر ۾ سندس والدين ۾ علحدگي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سندس ماءُ ٻي شادي ڪري انڊونيشيا منتقل ٿي وئي، جتي بارڪ اوباما جڪارتا ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. بارڪ اوباما 1996ع ۾ آمريڪي رياست ايلي نائي (Illinois) جو اسيمبلي ميمبر چونڊجي پنھنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هو 10 سالن جي عمر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا ۾ پنھنجي ناناڻي گهر منتقل ٿيو، جتي هن هارورڊ اسڪول مان 1979ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. اعليٰ تعليم لاءِ بارڪ اوباما نيويارڪ منتقل ٿي ويو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان 1983ع ۾ سياست جي دگري حاصل ڪئي. نيويارڪ ۾ 16 سال رهڻ کانپوءِ بارڪ اوباما شڪاگو هليو ويو. جتي هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. بارڪ اوباما ۽ مشل رانسن جي 1979ع ۾، شڪاگو ۾ ملاقات ٿي ۽ ٻنهي 03 نومبر 1992ع ۾ شادي ڪئي. بارڪ حسين اوباما ٻن ڌيئرن 10 ورهين جي حاليا ۽ 07 سالن جي نتاشا جو پيءُ آهي. بارڪ اوباما ٻن ڪتابن جو ليکڪ بہ آهي. جنوري 2003ع ۾ هو ايلي نائي اسيمبليءَ جي هيلٿ اينڊ هيومن سورسز سوسائٽيءَ جو چيئرمئن چونڊجي آيو. 2004ع ۾ بوسٽن ۾ بارڪ اوباما ڊيموڪريٽڪ جي قومي ڪنوينشن ۾ اهم خطاب ڪيو ۽ بش انتظاميہ تي ڇتي تنقيد ڪئي. ان خطاب تي اوباما کي ڀرپور موٽ ملي ۽ هو سڄي آمريڪا ۾ مشھور ٿي ويو. هن آمريڪي سينيٽ جي قانون سازيءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 10 فيبروري 2007ع تي آمريڪا جي صدارتي چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هن اڳ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان نامزدگيءَ لاءِ پنھنجي مخالف هيلري ڪلنٽن کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي مخالفن کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ صدارتي چونڊن ۾ پنھنجي مخالف ريپبلڪن اميدوار جان مڪين کي شڪست ڏئي ۽ آمريڪا جو 44 هون صدر چونڊجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

14.08.1961  عيسوي

بارڪ حسين اوباما 4 آگسٽ 1961ع تي آمريڪي رياست ’ هوائي ‘ ( Hawaii ) ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلقيس ايڌي
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
حاجي مصري لنڊ
ائٽڪن اِي ايڇ
خضر حيات خان سردار
سڪندر بلوچ
ملڪ محسن علي خاصخيلي
ڀَلو ڳاھو
افشان احمد
انور سيال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون