اوجهري: جانور جو اهو اندريون عضوو ، جنهن ۾ جانور جو کاڌو ( گاھہ وغيرہ ) گڏ ٿئي ٿو . اهو هڪ وڏي ڳوٿريءَ وانگر ٿئي ٿو . اوجهري رڌي کائڻ لاءِ بہ ڪم اچي ٿي . اها طبي لحاظ کان دير هضم غذا آهي ، تنهنڪري چوندا آهن تہ اوجهريءَ کي گرم مصالحن ۾ ڳاري پوءِ کائبو تہ معدي کي طاقت ايندي ، پر هن جي کائڻ کان پوءِ يڪدم پاڻي پيئڻ سان نقصان ٿيندو آهي .