اوج علوي

اوج علوي: سنڌي ٻوليءَ جي شاعر ۽ نثر نويس. اوج علويءَ جو اصل نالو شفيع محمد ولد درمحمد علوي هو. سندس پيدائش 14 آڪٽوبر، 1921ع تي شھر شڪارپور ۾ ٿي. ايم. اي ڪيائين. انفرميشن آفيسر هو ۽ 1972ع ۾ وفات ڪيائين. سندس بيشمار مضمون ۽ مقالا ماهوار رسالن جھڙوڪ: ”نئين زندگي“، ”ڳوٺ سڌار“ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ملتان ۾ انفرميشن آفيسر هئڻ دوران وفات ڪئي. پبلڪ لائبرري باغ لانگي خان ۾ سندس سمورا ڪتاب رکيا ويا، جن ۾ سنڌي جو گهڻو تعداد هو ۽ هن وقت باقاعدي ان لائبرريءَ ۾ سوين ڪتابن تي مشتمل سنڌي سيڪشن موجود آهي. هن لائبرريءَ جو سيڪريٽري ائڊووڪيٽ عمر ڪمال خان رهيو آهي.


لفظ اوج علويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.10.14  عيسوي

اوج علوي 14 آڪٽوبر ، 1921ع تي شڪارپور ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي مل محمود
ثمامه رضہ بن آثال
مراد علي شر
انور ڪاڪا
افضل قادري
افضل سولنگي
رحيم بخش قمر
عنايت ﷲ چوڍو فقير
ٺٽوي رضي الدين فدائي
سردار شاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون