اَورَ: اهو پردو ۽ غدود، جيڪو ويم کان پوءِ مادي (عورت يا چوپائي) جي پيٽ مان نڪري، گهڻو ڪري چؤپاين کي ڦر ڄڻڻ کان پوءِ پيٽ مان اور نڪرندي آهي. عورت جي اور دايون ڪنهن غيرآباد زمين ۾ پوري ڇڏينديون آهن، انهيءَ ڪري ته جيئن ڪُتا، ٻلا يا ٻيا جانور اور کائي نه سگهن، ڇوته اور انساني جسم جو حصو هوندي آهي. سنڌ ۾ اهو تصور آهي ته جنهن ڌرتيءَ ۾ انسان جي اور پوريل هوندي اها کيس اوس ڇڪيندي، اهو جنم ڀوميءَ سان اٽوٽ لاڳاپي جو اهڃاڻ آهي.