
اورنگزيب عالمگير
اورنگزيب عالمگير: اورنگزيب عالمگير مغل سلطنت جو مشھور شهنشاھہ ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو محي الدين هو. کيس پيءُ شاهجهان، اورنگزيب جو خطاب ڏنو هو. اورنگزيب 3 نومبر 1618ع تي مالوه جي سرحد ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ارجمند بانو هو. ارجمند بانو، ’ممتاز محل‘ جي نالي سان مشھور آهي.
جڏهن اورنگزيب جي ڄمار 2 سال هئي، تڏهن سندس ڏاڏو جھانگير بادشاھہ هو، جنهن خلاف شاھجھان بغاوت ڪئي. هو ٻارن سميت بنگال آيو، جتي چار سال رهڻ کان پوءِ هن معافي ورتي. پوءِ اورنگزيب جي پرورش نورجھان ڪئي. اورنگزيب جي ڀاءُ جو نالو دارا شڪوہ هو.
اورنگزيب ان وقت جي مشھور عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف بہ حفظ ڪيائين. ساڳئي وقت فن ۽ ادب سان چاھہ بہ هئس. هن فارسيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا. 1636ع کان هن باقاعدي فوج جي ڪمان سنڀالڻ شروع ڪئي. پهرين دکن ۾ هو، جتي هن بغاوتون ختم ڪيون ۽ ٻيا بہ ڪارناما سرانجام ڏنا. جڏهن شاھجھان بيمار ٿي پيو تہ داره شڪوهُ حڪومت جو انتظام سنڀاليو، جنهنڪري مختلف هنڌن تي الڳ بادشاهتون قائم ٿيون. پر اورنگزيب بہ ماٺ ڪري نہ ويٺو هن پنھنجي ننڍي ڀاءُ، مراد کي ساڻ ڪري حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1957ع ۾ شاھہ جھان بيمار ٿيو، تہ سن 1658ع ۾ اورنگزيب کيس هڪ محل ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ تخت تي ويهي رهيو. 1659ع ۾ اجين وٽ اورنگزيب ۽ داراشڪوه وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ اورنگزيب کي فتح حاصل ٿي.
حقيقت ۾ داراشڪوه صوفي خيال رکندڙ هو. تنهنڪري هن کي سلطنت جي سياست ۽ حرفت سان ڪوبه چاھہ نہ هو. جڏهن تہ اورنگزيب ظاهر ۾ عالم ۽ روزي نماز جو پابند هوندو هو، پر ان سان گڏ هر قسم جي حرفتن، ۽ کيڏن جو بہ ماهر هو. هن پهريائين تہ پنهنجن وڏن ڀائرن، يعني داراشڪوه ۽ شجاع کي پاڻ ۾ ويڙهايو. ان وقت تائين پنھنجي ننڍي ڀاءُ مراد کي پنھنجي ساٿ ۾ رکيائين، جڏهن سندس ٻئي وڏا ڀائر فوت ٿيا، تہ پوءِ ننڍي ڀاءُ مراد کي بہ قيد ڪري مارائي ڇڏيائين.
اورنگزيب ظاهري طرح فنون لطيفہ ۽ ادب کي اڀاريو، پر دلي طرح فنون لطيفہ جو دشمن هو. صوفين جو مخالف هو. کيس ڌيءَ زيب النساءِ ’مخفي‘ جي شاعري ڪرڻ بہ پسند نہ هئي، هن تصوف جا ڪتاب ساڙايا. خان خٽڪ'>خوشحال خان خٽڪ پشتو شاعر سندس سخت مخالف هو. ملڪ مان مختلف برايون ختم ڪرايائين. 1665ع ڌاري آسام، چٽانگ ۽ بھار جا علائقا فتح ڪيائين. ان کان سواءِ ڪيتريون بغاتون بہ ڪچليائين، تان جو 1687ع تائين سموري هندستان تي مغل بادشاهت قائم ٿي وئي. هن کي ادب سان بہ لڳاءُ هو. درٻاري مورخن پاران سندس لاءِ عام طرح مشھور آهي تہ سرڪاري خزاني مان ذاتي خرچ نہ ڪندو هو، پرهيزگار ۽ نيڪ هو. سندس خط ”رقعات عالمگير“ جي نالي سان ترتيب ڏنا ويا، جيڪو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. سندس ڪتاب ”فتاويٰ عالمگيري“ بہ وڏي مشهوري ماڻي. اورنگزيب عالمگير 3 مارچ 1707ع تي وفات ڪئي .
1618.11.03 عيسوي
اورنگزيب 3 نومبر 1618ع تي مالوه جي سرحد ۾ پيدا ٿيو
1707.03.03 عيسوي
اورنگزيب عالمگير 3 مارچ 1707ع تي وفات ڪئي