اورنگي: ڪراچيءَ جي صنعتي علائقي اورنگيءَ ۾ ڪراچيءَ کان منگهي پير طرف ستين ميل پٿر تي قبل از تاريخ ماڳ آهي. هي ڪو قديم نشان/دڙو آهي. اورنگي ۾ منگهي پير واري چشمي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ بنجر ۽ وارياسي زمين جي ٽڪريءَ ۾ ڪي وٿون مثلاً چقمقي پھڻن جي اوزارن جا ٽڪر، ۽ ٺڪراٺو وغيرہ مليو آهي. جيڪو قبل از تاريخ سان واسطو رکي ٿو. اڻ چٽيل ٺڪراٺو ۽ ٿانوَ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. کوٽائيءَ کان سواءِ ھن ماڳ جي وقت جو تعين ڪرڻ ڏکيو آھي. هيءُ ماڳ هن وقت قبضن جو شڪار ٿي چڪو آهي. بنگلہ ديش ٺھڻ کانپوءِ اتان لڏي آيل بهارين کي وڏي پيماني تي آباد ڪيو ويو. هن وقت اها پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڪچي آبادي آهي.