اوزار

اوزار: تاريخ جي دور کان اڳ انسان پٿر جا اوزار استعمال ڪندا هئا. جھڙوڪ: پٿر جا ٺھيل مترڪا ۽ ڪهاڙا وغيرہ. ان کان پوءِ لوھہ جو دور آيو تہ انسان بيشمار اوزار ايجاد ڪيا. جھڙوڪ: ڇُري، ڪئنچي، ڏاٽو، بيلچو، ڪھاڙي، ڪوڏر، واهلو ۽ کُرپي وغيرہ. اُهي هٿ سان استعمال ٿيندا هئا ۽ هاڻي بہ انهن جي اهميت اها ئي آهي. ان کان سواءِ هاڻوڪي دؤر ۾ بجليءَ جا اوزار بہ ايجاد ڪيا ويا آهن، جن سان انسان جي توانائي، پئسو ۽ وقت بچي ٿو. موجودہ وقت ۾ هلندڙ اوزارن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو. هر ڪنهن هنرمند يا ڪاسبيءَ جي ڪم جا اوزار جدا جدا هوندا آهن. ڪي اوزار تہ گهڻو ڪري ساڳيائي ڪم ۾ ايندا آهن، باقي گهڻا تڻا الڳ هوندا آهن. جيئن تہ: واڍڪي ڪم جا اوزار: ڪارائي، واهولو، مترڪي، انبوري،سرائي، رندو ۽ پيچ ڪش وغيرہ. رازڪي ڪم جا اوزار: تيشي، وڏي چوناري، ننڍي چوناري، مستر، ليول، شاهُل، تغاري، ڪوڏر، بيلچو ۽ ڪوازا وغيرہ. ڪنڀارڪي ڪم جا اوزار: چَڪ، ٺپڻيون ۽ ڪُنيرا وغيرہ. لوهارڪي ڪم جا اوزار: انبور، ڇيڻي، وڏاڻ، اڱر، سنداڻ، کورو ۽ ڌمڻ وغيرہ. سونارڪي ڪم جا اوزار: ڏِيو، ڦُوڪڻي، ريھہ ۽ ڄئو وغيرہ. حجامڪي ڪم جا اوزار: ڪئنچي، نهيرڻ، ڦڻي، وارن جي مشين، ڀاني، آرسي، نچڪڻو ۽ پوتڙو وغيرہ. وينجهرڪي ڪم جا اوزار: سيراڻ، مَلَ، چُستَ، لاک، رانجهن ۽ ابرڪ وغيرہ. اهڙيءَ طرح موٽرن، ريڊين، ٽي وي وغيرہ هر هڪ ڪم جا جدا جدا اوزار ٿيندا آهن.


لفظ اوزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو