اوستو سچيڏنو: ڪوٽڙي شھر ۾ واڍڪي ڪم جو مشھور ڪاريگر ٿي گذريو آهي. کيس ٽي ڀائر هئا. اوستو گل محمد، اوستو احمد ۽ اوستو ڇٽو. چارئي ڀائر ڪوٽڙي شھر ۾ واڍڪي ڪم جا شھہ ڪاريگر هئا. ۽ پنھنجي فن، قابليت ۽ ڪاريگريءَ جي ڪري عزت جي نگاهن سان ڏٺا ويندا هئا. جهونن جو چوڻ آهي تہ اوستي سچيڏني جو جسم گويا فولادي هو، هُو پهلوان مڙس هو. جن اوستي سچيڏني کي ڏٺو، تن جو چوڻ آهي تہ پاڻ چانديءَ جي رپئي کي آڱوٺي جي زور سان جڏهن مهٽيندو هو تہ روپئي جا اکر ڊهي ويندا هئا. سندس وفات کي ڪيترائي ورهيہ ٿي ويا آهن، پر اڄ تائين مقامي ماڻهو اوستي سچيڏني کي ياد ڪندا آهن.