اولَ: پاڻيءَ جي وهڪري (درياھہ يا واھہ) ۾ لڙهندڙ گند ڪچرو. عام طور تي درياھہ ۾ ڪرندڙ وڻ، ڪاٺ، ڪک ۽ پن وغيرہ پيا لڙهندا آهن. پوءِ اهو ڪچرو درياھہ جي ڪنهن گهنڊيءَ ۾ ڪري، يا وهڪري جي گهٽجڻ ڪري گهُمري ۾ اچي، ڪنهن هنڌ ننڍي پاڻي ۾ بيهي رهندو آهي. انهيءَ گڏيل ڪچري کي ’اول‘ چوندا آهن. ڪن جاين تي’اولڙ‘ بہ چون.