اولڊ ڪئمپس

اولڊ ڪئمپس

اولڊ ڪئمپس

اولڊ ڪئمپس (حيدرآباد ):حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس جي نالي سان مشھور هيءَ عمارت آڏواڻي ڪٽنب جي راءِ بھادر ديوان پرڀداس 1897ع ۾ ٺهرائي. هن درسگاھہ جو نالو ”نو ودياله“ رکيو ويو، ورهاڱي کان پوءِ 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڪراچيءَ مان جڏهن حيدرآباد منتقل ڪئي وئي تہ ان جي قيام بعد سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد جي هن تاريخي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جنهن جو پهريون وائيس چانسلر اي. بي حليم صديقي هو. ان کانپوءِ سنڌ جو ناميارو دانشور ۽ تعليمي ماهر علامہ آءِ. آءِ. قاضي وائس چانسلر بڻيو. اڳتي هلي علامہ آءِ.آءِ. قاضيءَ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نئون ڪئمپس قائم ڪرايو. جتي اول سائنس فيڪلٽي کولي وئي، آرٽس فيڪلٽي 1969ع تائين اولڊ ڪئمپس ۾ قائم رهي ۽ جڏهن ان کي اتان منتقل ڪيو ويو تہ انهيءَ عمارت ۾ يونيورسٽيءَ جو ماڊل اسڪول منتقل ڪيو ويو، جيڪو اڳ ۾ ان عمارت جي پٺيان ٺهيل هڪ ننڍڙي عمارت ۾ هلندڙ هو. جتي هاڻي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ رسرچ آهي. انهيءَ اسڪول جو پهريون پرنسپال سيد اڪرام علي ٿيو، پهرين هي اسڪول مڊل تائين هو پوءِ اڳتي هلي هاءِ اسڪول ۾ تبديل ڪيو ويو. 1974ع ڌاري ان کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. هيءَ عمارت ايتري پراڻي هجڻ باوجود اصلي حالت ۾ قائم آهي. هي عمارت نہ صرف علم جو گهَوارو آهي، پر شھر جي وچ ۾ هئڻ ڪري شھر جي سونهن ۽ سوڀيا جو باعث بہ آهي. هن عمارت جي پيشانيءَ تي لڳل وڏو گهڙيال سڄي شھر واسين کي تيزيءَ سان گذرندڙ وقت جو احساس ڏياري ٿو. هن وقت هي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هتي علامہ آءِ. آءِ. قاضي چيئر سان گڏ بي. ايڊ/ايم. ايڊ جا ڪلاس هلندا آهن ۽ هتي ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پريس ۽ ڊڪشنري آفيس بہ قائم رهي آهي.


لفظ اولڊ ڪئمپسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو