اولَ: ضمانت طور ڏنل ماڻهو يا عيوضي. اڳ ۾ حاڪمن جو اهو رواج هوندو هو تہ ٻن ڌرين ۾ جنگ کان پوءِ هارائيندڙ ڌُر تي ڏنڊ وڌو ويندو هو ۽ ڏنڊ جي ادائگيءَ تائين بادشاھہ جي ويجهي عزيز يا خاص مصاحب کي اولَ بڻايو ويندو هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙن حاڪمن جي اولَ بنجڻ جو ذڪر اچي ٿو، مثال طور 1111ھہ/ 1699ع ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي ۽ بروهين جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ سخت لڙائيءَ کان پوءِ ڪلهوڙي حاڪم صلح ڪيو ۽ اولَ طور پنهنجن ٻن فرزندن ميان نورمحمد ۽ محمد خان کي، بروهي حاڪم وٽ ڇڏيائين، جيڪي ٻہ سال ضمانت ۾ رهيا.
1153ھہ ۾ نادرشاھہ سنڌ ۾ تباهي مچائڻ کان پوءِ ميان نورمحمد تي ڏنڊ وجهي، سندس پٽن غلام شاھہ ۽ محمد مرادياب کي اول بڻائي، ايران وٺي ويو. ٽن سالن کان پوءِ واعدي وفائي نہ ٿيڻ سبب ميان نورمحمد جو ٽيون پٽ عطرخان بہ اول بڻجي ايران ويو. اُهي ٽيئي شھزادا بعد ۾ احمد شاھہ درانيءَ جي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ 1162ھہ ڌاري واپس موٽيا.