اونڌو ٻانڌو (تعميرات ):اونڌو ٻانڌو ٿر ۾ کوهن جي کوٽائيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي شروعات ٿرپارڪر ضلعي ۾ تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ راوتسر جي رهاڪو مولوي عبدالحق چانڊيي (1939-1874ع)، نوَ تيرهي سِرن جي ايجاد سان ڪئي. هن ٿر جي رهواسين جي مشڪل آسان ڪئي. پراڻي زماني ۾ ٿر جا ماڻهو کوھہ وڏي مشڪل سان گهڻي خرچ ۽ گهڻي مدت ۾ تيار ڪندا هئا، شروع ۾ تمام ڪشادا کوھہ کوٽيندا هئا، ڪماڻين سان جهلي پاڻي تائين کوٽي ويندا هئا ۽ پوءِ تري کان سرن يا پٿرن سان مٿي ٻڌڻ شروع ڪندا هئا، جنهن ۾ وڏي تڪليف ۽ جان جو بہ جوکو هوندو هو. مولانا عبدالحق چانڊيي هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ”اونڌو ٻانڌو“ رکيائين. ان جي سرن جو ڪارب مولانا عبدالحق 13x9 انچ تيار ڪرايو. هن سر جي ڊيگهہ 13 انچ ۽ ويڪر 9 انچ هئي. اها جڏهن کوهن جي اندر گول دائري ۾ چونڊبي آهي تہ هن جو 9 انچ وارو پاسو اندرين ۽ 13 انچ وارو پاسو ٻاهرين طرف ايندو آهي. جنهن ڪري کوھہ مضبوط ٿئي ٿو ۽ آسانيءَ سان اوساري توڙي مرمت ڪري سگهجي ٿي. مولانا عبدالحق پنھنجي هٿن سان اهڙو کوھہ، مسجد راوت سر لڳ اوڀر پاسي ٺاهيو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي. مولانا اهڙا ٿر ۾ ٻيا بہ ڪيترائي کوھہ ٺهرايا، جيڪي ”اونڌي ٻانڌي“ کوھہ جي نالي سان ياد ڪيا وڃن ٿا. هن قسم جو کوھہ هڪ مهيني ۾ کوٽجي تيار ٿئي ٿو. اڳ ۾ ٽي سال کوھہ جي کوٽائي ۾ لڳي ويندا هئا، هاڻي گهٽ خرچ، گهٽ وقت، گهٽ تڪليف ۽ گهٽ ماڻهن سان هن قسم جا کوھہ ٺھي سگهن ٿا.