
اونگر
اونگر: ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي ۾، قومي شاهراھہ تي موجود تاريخي ۽ قديمي آثار، جن کي آرڪيالاجيءَ جي ماهرن قديم سائيٽس ۾ 101 نمبر ڏنو آهي. ان ڪري جو ڪراچيءَ کان ان جبل تائين 101 ميلن جو مفاصلو آهي. ماهرن موجب 2 لک سال اڳ اتي انساني آبادي رهندي هئي. اِنھن آثارن مان قيمتي پٿر،چقمق، اوزار ۽ ٻيون شيون مليون آهن، جيڪي ميوزيم ۾ رکيون ويون آهن. هتان جو ڳاڙهو پٿر تمام گهڻو قيمتي آهي، جيڪو ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ موڪليو ويندو آهي. هن قديمي آثار جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ’اونگر‘ نالي سان جهرڪ جو هڪ قديمي ڳوٺ بہ موجود آهي، ان کان علاوہ اونگر جوکيو ۽ اونگر ٻٻر وغيرہ جي نالن سان بہ ڳوٺ آباد آهن. اونگر کي ٽپال گهر جي سهوليت بہ مليل آهي.