اويس قرنيِ حضرت

اويس قرنيِ، حضرت: مشھور تابعي، جنهن جي نالي بابت مختلف روايتون ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن. ڪن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي، تہ حضرت قرني جو پورو نالو خواجا اويس بن عامر قرني هو. جڏهن تہ ڪي ڪتاب وري ٻڌائين ٿا، تہ سندس نالو عبدالله ۽ ابن عبدالله هو. ڪٿي وري سندس نالو عبدالله بن عامر ڄاڻايل آهي ۽ سندس والدہ کيس ”اويس“ جي نالي سان سڏيندي هئي. سندس وطن يمن هو ۽ بني مراد قبيلي سان تعلق هوندو هئس. حضرت اويس، پاڻ سڳورن جي حياتيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. ليڪن پاڻ سڳورن سان سندس ملاقات ٿي نہ سگهي هئي. پر حضرت اويس پاڻ سڳورن سان غائباڻو عشق رکندڙ هو. سن 17 ھہ مطابق 638ع ۾ يعني حضرت عمر فاروق رضہ جي خلافت واري وقت ۾، يمن کان مديني شريف آيو. جتي حضرت عمر رضہ سان ملاقات ڪيائين. ان کان پوءِ ڪوفي هليو ويو.
حضرت اويس قرنيءَ بابت هڪ مشھور روايت ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي، تہ جڏهن حضرت اويس قرنيءَ کي ”احد واري جنگ“ دوران، رسول صلي عليہ وسلم جي هڪ ڏند مبارڪ جي شھيد ٿيڻ جي خبر پئي تہ هن جي دل تي ان واقعي جو ايڏو تہ گهرو اثر پيو، جو ان ڏک ۾ پنهنجا سڀئي ڏند ڀڃي ڇڏيائين. ڇاڪاڻ جو کيس اندازو ئي نہ پئي ٿي سگهيو، تہ پاڻ ڪريم
صلي عليہ وسلم جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شھيد ٿيو هو.
حضرت اويس قرني، تقويٰ ۽ عبادت جي لاءِ ڏاڍو مشھور هو. چون ٿا تہ صفين واري جنگ، پاڻ حضرت علي عليہ السلام جي طرفداريءَ ۾ وڙهيو هو ۽ ان جنگ ۾ ئي شھيد ٿيو هو. حضرت اويس بابت پاڻ سڳورن فرمايو ته، ”اويس قرني، تابعين ۾ سڀ کان بهتر آهي.“ اهو ئي سبب آهي، جو کيس ”سيد التابعين“ جو لقب مليل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو