اويس قرنيِ، حضرت: مشھور تابعي، جنهن جي نالي بابت مختلف روايتون ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن. ڪن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي، تہ حضرت قرني جو پورو نالو خواجا اويس بن عامر قرني هو. جڏهن تہ ڪي ڪتاب وري ٻڌائين ٿا، تہ سندس نالو عبدالله ۽ ابن عبدالله هو. ڪٿي وري سندس نالو عبدالله بن عامر ڄاڻايل آهي ۽ سندس والدہ کيس ”اويس“ جي نالي سان سڏيندي هئي. سندس وطن يمن هو ۽ بني مراد قبيلي سان تعلق هوندو هئس. حضرت اويس، پاڻ سڳورن جي حياتيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. ليڪن پاڻ سڳورن سان سندس ملاقات ٿي نہ سگهي هئي. پر حضرت اويس پاڻ سڳورن سان غائباڻو عشق رکندڙ هو. سن 17 ھہ مطابق 638ع ۾ يعني حضرت عمر فاروق رضہ جي خلافت واري وقت ۾، يمن کان مديني شريف آيو. جتي حضرت عمر رضہ سان ملاقات ڪيائين. ان کان پوءِ ڪوفي هليو ويو.
حضرت اويس قرنيءَ بابت هڪ مشھور روايت ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي، تہ جڏهن حضرت اويس قرنيءَ کي ”احد واري جنگ“ دوران، رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي هڪ ڏند مبارڪ جي شھيد ٿيڻ جي خبر پئي تہ هن جي دل تي ان واقعي جو ايڏو تہ گهرو اثر پيو، جو ان ڏک ۾ پنهنجا سڀئي ڏند ڀڃي ڇڏيائين. ڇاڪاڻ جو کيس اندازو ئي نہ پئي ٿي سگهيو، تہ پاڻ ڪريم
صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شھيد ٿيو هو.
حضرت اويس قرني، تقويٰ ۽ عبادت جي لاءِ ڏاڍو مشھور هو. چون ٿا تہ صفين واري جنگ، پاڻ حضرت علي عليہ السلام جي طرفداريءَ ۾ وڙهيو هو ۽ ان جنگ ۾ ئي شھيد ٿيو هو. حضرت اويس بابت پاڻ سڳورن فرمايو ته، ”اويس قرني، تابعين ۾ سڀ کان بهتر آهي.“ اهو ئي سبب آهي، جو کيس ”سيد التابعين“ جو لقب مليل هو.