
اويس قرني شاهه مانجهند وارو
اويس قرني، شاھہ (مانجهند وارو ):ضلعي ڄامشوري ۾ مانجهند شھر کان پنج ڪلوميٽر اولھہ پاسي ٽاڪرو سلسلي جي هڪ 300 کن فوٽ اوچي ٽڪريءَ تي هڪ بزرگ، وليءَ جي مزار آهي، جيڪو شاھہ اويس قرنيءَ جي نالي سان مشھور آهي. هتي ذوالحج مهيني جي 7، 8، 9 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي ۽ هر مهيني جي پهرين جمعي رات تي راڳ ويراڳ جي محفل مچي ٿي. تاريخي حقيقتن جي ابتڙ عام چوڻين موجب هيءُ بزرگ اهو ئي شاھہ اويس قرني آهي، جنهن جو ذڪر سيرت طيبہ جي ڪتابن ۾ ڪثرت سان ملي ٿو ۽ حضور صلي ﷲ عليہ وسلم سان عشق ۽ اٿاھہ اُنس سبب پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن وٽ مقبول هو. هو صاحب ڪڏهن بہ سنڌ ۾ نہ آيو هو. حضرت اويس قرني جو تعلق ملڪ يمن جي قرن نالي ڳوٺ ۽ مراد قبيلي سان هو. انهيءَ اويس قرنيءَ جو عشق حضور سائينءَ سان اهڙو مشھور آهي جو هن جڏهن جنگ احد ۾ حضور سائينءَ جي ٻن ڏندن جي شھيد ٿيڻ جو ٻڌو تہ هن پنهنجا سڀئي ڏند ڀڃي ڇڏيا هئا. پر مانجهند لڳ درگاھہ تي ويٺل فقيرن کي پڪ آهي تہ يمن ملڪ جي قرن واري مزار ۾ ان اصحابي سڳوري جا فقط اهي ڏند پوريل آهن، جيڪي حضور سائين واري خبر ٻڌڻ کانپوءِ پاڻ ڀڳا هئائين. باقي سندس تدفين هتي واري مزار ۾ آهي. فقيرن جو عقيدو آهي تہ هو يمن مان پنھنجي بيمار ماءُ کي ڪلهن تي کڻي علاج لاءِ ساري دنيا پيرين پنڌ گهميو ۽ انهيءَ جاءِ تي پهچڻ وقت سندس امڙ جو انتقال ٿيو. هي سعادت مند پٽ انهيءَ مزار وٽ ويهي رهيو ۽ هتان جي ڀُليل، ڀٽڪيل ماڻهن ۾ سچائيءَ جا اکر ورهائڻ ۽ سندن سوچ کي روشن راھہ ڏيکارڻ لاءِ ترسي پيو ۽ سندس جيون جا ڏينهن بہ هتي ئي پورا ٿيا.
هتي ٻن ڌار ڌار ٽڪرين تي ٻہ مزارون آهن. امڙ جي مزار لاءِ عام طور اهو مشھور ڪيو ويو آهي تہ ڪو بہ مرد ٻہ ڏاڪا چڙهي نٿو سگهي، ايستائين جو حمل واري عورت انهيءَ مزار تي وڃي تہ کيس نقصان رسي ٿو. انهيءَ ٽڪري جي چوڌاري انهن ٻن مزارن کانسواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڊٺل ۽ جهريل قديمي قبرون موجود آهن، هيءُ هڪ وڏو مقام سمجهہ ۾ اچي ٿو. انهيءَ جي وچ ۾ سنڌي طرز جون ٽي گهاڙي قبرون بہ ملن ٿيون، جن تي اڪر جو اهو ئي ڪم ٿيل ملي ٿو، جيڪو ٺٽي يا مڪليءَ ۾ ملي ٿو. هڪڙي قبر تي تہ گهوڙي ۽ زرھہ جي اُڪر جا نشان بہ آهن. مزار جي اوچائيءَ تي وڃڻ کان اڳ ۾ هڪ وڏو پٿر بہ موجود آهي، جنهن جي چوڌاري خطاطيءَ ۾ اڪر ٿيل آهي، ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ آثار قديمہ جا ماهر پنھنجي تحقيق سان هن تاريخي ماڳ مڪان جو معائنو ڪري نت نئين کوجنا سان هِن قديمي جاءِ بابت ڪجهہ حقيقتون عوام آڏو آڻين. هيءَ درگاھہ پڻ روايتي ميان وال فقيرن جو تسلسل محسوس ٿئي ٿي. عقيدتمند دل ۾ ڪا بہ هڪ مراد سوچي پوءِ مزار تي چڙهندا آهن تہ سندن عقيدي موجب ائين دعا قبول ٿيندي آهي. ٻي مراد لاءِ نئين سر هيٺ لھي مٿي چڙهندا آهن. شاھہ اويس جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪٿائون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جھڙوڪ: 1- هن سان ڏاچين جو هڪ وڳ ساڻ هوندو هو. 2- سج سندس سامهون ڪو نہ ايندو هو. 3- والدہ کي اهڙو مرض هو، جنهن جو علاج ممڪن نہ هو پر هن ماءُ جي صحتمنديءَ لاءِ حد کان وڌيڪ عبادت ڪئي ۽ سندس وڏي خدمت ڪئي، جنهن سبب هو ولي بڻجي ويو.