اوٺاڻيون: سنڌي لوڪ شاعريءَ جي هڪ صنف. ”اوٺاڻيون“ انهن بيتن کي چئبو آهي، جن ۾ پيرن مرشدن جي ساراھہ ۽ سندن ذڪر ٿيل هجي.
سنڌ ۾ اوٺاڻين جو رواج تمام آڳاٽو آهي. درگاهن تي ٿيندڙ سماع ۾ اوٺاڻيون اهم حيثيت رکن ٿيون. هالا نوان ۾ مخدوم نوح جي درگاھہ ۽ پراڻن هالن ۾ سيد عبداللطيف جي درگاھہ تي اڄ تائين اوٺاڻين جو رواج آهي. مخدوم نوح جي درگاھہ تي منٺار فقير راڄڙ جا بيت، اوٺاڻين طور ڪتب ايندا آهن. ملتاني پيرن جي درگاهن تي تہ شروع کان ئي اوٺاڻين جو رواج آهي. اوٺاڻين کي ”ڏهر“ بہ چوندا آهن. نامور شاعر نياز همايوني شڪارپور طرف جي ڪنهن عوامي شاعر اويس جو ڪلام گڏي ڪري ’اوٺاڻيون اويس جون‘ ڪتاب ترتيب ڏنو هو. جيڪو اڻ ڇپيل آهي .