
اوپيرا جي هڪ اسٽيج
اوپيرا (Opera ):ناٽڪ جو هڪ قسم، جنهن ۾ موسيقيءَ جو عنصر گهڻو شامل هوندو آهي. اوپيرا ۾ سڄو متن ۽ گفتگوءَ جو ڳچ حصو سازن جي ميلاپ سان ادا ڪيو ويندو آهي. سڀ کان اڳ ۾ اٽالين اوپيرا، جنهن جي شروعات 16 هين صدي عيسويءَ کان ٿي ۽ رڳو يوناني ۽ لاطيني لوڪ ڪهاڻين کي اوپيرا لاءِ چونڊيو ويندو هو ۽ سڀني سُريلن ايڪٽرن کي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. موجودہ اوپيرا 16هين ۽ 17هين عيسوي جي عڪاسي ڪري ٿو، اهو يورپ جي نئين جاڳرتا/ نشاة ثانيہ (Reuaissances) جو دؤر هو، جنهن ۾ ماڻهو ٻهروپ ڌاري، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سازن ۽ پنھنجي آوازن سان ماڻهن کي وندرائيندا هئا. انهيءَ زماني جو انگريزي ٻوليءَ جو اوپيرا (The beggar Opera)، جرمني ٻوليءَ جو Sings Piel، فرينچ ٻوليءَ جو Yaudeville وغيرہ ماڻهن کي وڻندا هئا. ان کانپوءِ خاص طور تي انگريزيءَ ۾ جيڪي اوپيرا لکيا ويا، تن ۾ گفتگوءَ کان وڌيڪ سازن جي ڌُن ذريعي مطلب ادا ڪرڻ کي وڌيڪ اهميت حاصل هوندي هئي.
اوپيرا ۾ عشق ۽ محبت جي داستانن کي سُريلي گفتگو جي انداز ۾ آرڪيسٽرا جي ڌن سان پيش ڪيو ويندو هو، ان کان پوءِ بئليٽ ناچ کي پڻ اوپيرا جو هڪ حصو بڻايو ويو. ڇاڪاڻ جو بئليٽ ناچ پڻ يورپ ۾ مشھور ٿيو هو. بئليٽ ناچ جي ڪري، اوپيرا ۾ ڪهاڻيءَ جو تسلسل برقرار رکي نہ سگهبو هو. ان کانسواءِ اداڪارن جا تاثرات بہ مڪالمن مطابق قائم رکي نہ سگهبا هئا. اٽلي، روس ۽ فرانس ۾ مشھور اوپيرا نويس پيدا ٿيا. پر انهيءَ زماني جي اوپيرا هائوسن ۽ موجودہ وقت جي اوپيرا هائوسن ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي. برطانيہ ۾ بہ وقفي وقفي سان پيش ڪيل ڪجهہ اوپيرا ناٽڪن کان سواءِ ٻيا وڌيڪ مقبول ٿي نہ سگهيا.
دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏا وڏا ۽ خوبصورت اوپيرا هائوس موجود آهن. پر آسٽريليا جي شھر سڊنيءَ ۾ ٺهيل، گرانڊ اوپيرا هائوس جيڪو 1973ع ۾ جڙي راس ٿيو، ان کي بہ دنيا جي جديد عجائبات ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن اوپيرا هائوس کي ٽن پاسن کان سامونڊي پاڻي وڪوڙيو بيٺو آهي يا ائين کڻي چئجي تہ هڪڙي ننڍي اُپ ٻيٽ تي اڏيل اهو اوپيرا هائوس، بلڪل ان جاءِ تي آهي، جتي 1788ع ۾ برطانوي آبادڪار پهريون دفعو اچي لٿا هئا. انهيءَ اوپيرا هائوس جو نقشو، ڊينمارڪ جي انجينئر جورين اٽزان (Joern Utzon) سن 1957ع ۾ تيار ڪيو هو. هي اوپيرا هائوس ٽن وڏن هالن تي مشتمل آهي ۽ اٽڪل پنجن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي.