اوٿارو: خواب يا ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿڻ. ڪن ماڻهن کي اوٿاري جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو پهريائين ننڊ ۾ ڳالهائيندو، ڀُٽ ڀٽ ڪندو يا ڪنهن نامعلوم خوف سبب ڇرڪ ڀري اُٿندو آهي. ان وقت سخت خوفزده هوندو آهي ۽ سڄو جسم پگهريو پيو هوندو اٿس. ڪن ماڻهن کي ننڊ ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ جاڳن پيا ۽ پوءِ ڪنهن ڊپ واري حالت ۾ آهن. اٿڻ چاهين تہ اٿي نہ سگهن، هٿ چورڻ چاهين تہ چوري نہ سگهن. آخر ۾ ڇرڪ ڀري اٿندا تہ معلوم ٿيندن تہ اهو ڪو خواب هو. اهڙي ڪيفيت کي بہ اوٿارو چون.