
انجينئر اوڀايو خشڪ
اوڀايو خشڪ انجنيئر: محمد اوڀايي خشڪ جو جنم 2 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد ميٽرڪ 1965ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ٺٽي ۽ انٽر 1967ع ۾ گورنمينٽ (ڊگري) ڪاليج، حيدرآباد مان پاس ڪري سول انجينئرنگ جي ڊگري 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج، ڄامشوري (هاڻي مھراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي) مان حاصل ڪيائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سنڌ اسٽوڊنٽ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو پھرين سينيئر وائيس چيئرمئن ۽ 1971ع ۾ هڪ سال لاءِ چيئرمئن ٿي رهيو. عملي زندگيءَ جي شروعات 1972ع کان آبپاشي کاتي ۾ سب انجينئر طور ڀرتي ٿيڻ سان ڪيائين، جتان پھرين سيپٽمبر 2009ع تي بحيثيت پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رٽائرڊ ٿيو. 2009ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’گوندر گس پرين جو‘ (ترتيب: 2013ع)، ’چيتاري چيام‘ (آتم ڪٿا: 2016ع)، ’سنڌ پنجاب پاڻي مامرو‘ (2020ع)، ’سنڌوءَ جو رستو نہ روڪيو‘ (2022ع)، ’اُميد خواب جي جاڳ‘ (2022ع)، ’ Hydro Politics in Pakistan‘ (2023ع)، ’ڀاشا ڊيم، سنڌ لاءِ ترياق يا زهر‘ (2024ع)، ’دریائے سندھ کو بچاؤ‘ (2024ع)، سنڌ ۾ عرب (تاريخ: 2024ع)، ’جيڪي پڙهيم‘ (2025ع) ۽ ’ڪالاباغ ڊيم کان چولستان ڪئنال تائين‘ (2025ع) شامل آهن. ان کانسواءِ مختلف وقتن تي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي سندس مضمون ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. ٺٽي شھر ۾ سندس ذاتي لائبريري ’مخدوم معين ‘ جي نالي سان قائم ڪيل آهي. جنھن ۾ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب رکيل آهن.
1949.09.02 عيسوي
محمد اوڀايي خشڪ جو جنم 2 سيپٽمبر 1949ع تي ڳوٺ درويش، تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ محمد عرس خشڪ جي گهر ۾ ٿيو.