اوچتو ڦاٽ

اوچتو ڦاٽ: ٺٽي ضلعي ۾ سنڌونديءَ جو هڪ ڦاٽ، جيڪو 1907ع ۾ سنڌونديءَ جي مکيہ ڇوڙن ۾ شمار ٿيندو هو. هي ڦاٽ اڃا تائين موجود آهي. ٺٽي ضلعي جي ٻن شهرن ٻگهاڻ ۽ ڳاڙهي جي وچ مان لنگهي ٿو ۽ ڦرندو گهرندو ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ ۾ ڪري ٿو. اصل ۾ هي ڪوٽڙي الھہ رکيي شاھہ وٽان ڦُٽي، ڳاڙهي، گهوڙاٻاريءَ ۽ ڪيٽي بندر کان ٿيندو، کاري ڇاڻ تائين ويندو هو ۽ حجامڙي کاريءَ ذريعي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو هو. هن تي ”اوچتو“ نالو پوڻ جو سبب شايد درياھہ جي اتان اوچتي ڦاٽ ٺھڻ جي ڪري پيو هجي. اڳي هيءُ، شاهي وهڪرو هوندو هو، پر هاڻي اهو ننڍڙو ٿي ويو آهي ۽ نٿو وهي. البت ان ۾ برساتن ۽ سم جو پاڻي هوندو ئي هوندو آهي. ماڻهو مشين ذريعي اهو پاڻي ڇڪي، ان تي ڪيلو ۽ ٻي آبادي ڪن ٿا.


لفظ اوچتو ڦاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو