اوڍاڻو: جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل ۾ هڪ ديھہ آهي، جنهن ۾ هيٺيان پنج ڳوٺ آباد آهن: (1) غلام محمد لاشاري، (2) اوڍاڻو ٻرڙو، (3) مغل ٻرڙو، (4) غلام قادر لاشاري، (5) محمد نواز بروهي.
هن نالي سان تعلقي ڏيپلي جي ديھہ ”وِنگيءَ“ ۾ ۽ تعلقي خانپور جي ديھہ ”بياراڻيءَ“ ۾ جدا جدا ٻہ ڳوٺ پڻ آباد آهن. ديھہ ”وِنگيءَ“ واري ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول بہ موجود آهي .