اوڪراڙو

اوڪراڙو: هن نالي سان ضلعي ٿرپارڪر ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ هڪ ديھہ ۽ جدا جدا ڳوٺ آباد آهن: جهڙوڪ، تعلقي مٺيءَ ۾ هڪ ديھہ موجود آهي، جنهن ۾ چوڙيل، بتاناگري، اوڪراڙو، واڍاڻا ۽ گوگاويري ڳوٺ آباد آهن. ٻيو ڳوٺ تعلقي عمرڪوٽ جي ديھہ ”اوڪراڙي“ ۾ آهي. جتي هڪ مڊل اسڪول، ٽي بوائز پرائمري ۽ هڪ ڇوڪرين جو پرائمري اسڪول موجود آهن. ٽيون ڳوٺ تعلقي عمرڪوٽ جي ديھہ ”ڪپلور ٿر“ ۾ آهي، هتي پرائمري اسڪول موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو