اوڪڙ

اوڪَڙُ: کار ۽ صابڻ جو ڪڙهيل پاڻي، جنهن ۾ ميرا ڪپڙا ٽهڪائي ڌوئجن. گهرن ۾ ڪپڙا کنڀ تي چاڙهڻ جو طريقو هن طرح آهي تہ چُلھہ تي راڳي جي ليپي سان فِٽ ٿيل ڪڙاهيءَ ۾ کار، صابڻ ۽ ٻيو ڪو مصالحو وجهي، ان ۾ ڪپڙا وجهي ٽهڪائيندا ۽ ٿوريءَ دير لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن تہ جيئن ڪپڙا مصالحي ۾ رچي مير ڇڏي وڃن. کار صابڻ وارو پاڻي، جنهن کي ’اوڪڙ‘ چون، اُهو پاڻي ٻيو ڀيرو ۽ ٽيون ڀيرو بہ ڪم ايندو آهي يعني تہ اوڪڙ واري پاڻيءَ ۾ ٻيا ڪپڙا وجهبا تہ اُهي بہ ڌوپجي صاف ٿيندا.


لفظ اوڪڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو