اوڳاهي

اوڳاهي: ضلعي ڪشمور جي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ آباد هي قبيلو، بڙدين جي چيف سردار يعني سندراڻين جي راڄ جو حصو آهي. هي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾، درياھہ جي ڀرواري علائقي يعني ڪچي توڙي پڪي ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن. سندن هڪ مشھور مقدم رئيس محمد حيات خان اوڳاهي جو ڳوٺ غوث پور شھر کان پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف، درياھہ جي ڪچي ۾، پراڻي ٽوڙي بند جي ڀرسان واقع آهي. اوڳاهي قبيلي وارن جو وڏو تعداد ڪنڌڪوٽ تعلقي ۾ غوث پور شھر جي آسپاس ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ آباد آهي. هي سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن. اوڳاهين بابت چوڻي مشھور آهي تہ: ”چاچڙ ڀڳا چاھہ ۾، اڳ ۾ اوڳاهي


لفظ اوڳاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو