اياز رضوي

اياز رضوي

اياز رضوي

اياز رضوي: شاعر اياز رضويءَ جو پورو نالو سيد اياز حسين شاهه رضوي آهي. هن پھرين اپريل 1973ع تي تعلقي جهڏي جي ڳوٺ عباس علي شاهه ۾ جنم ورتو. اياز رضوي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1988ع ۾ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ بي ايڊ ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو : اگهي ڪير ڳوڙها“ 2005ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو شعري مجموعو ”بھارون سوڳواريءَ ۾“ سال 2016ع ۾ ڇپيو. اياز رضوي، سنڌي ادبي سنگت، نئون ڪوٽ شاخ جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. هو پنھنجي ڳوٺ عباس علي شاهه ۾ رهي ٿو ۽ پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد آهي.


لفظ اياز رضويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.01  عيسوي

شاعر اياز رضويءَ جو پورو نالو سيد اياز حسين شاهه رضوي آهي. هن پھرين اپريل 1973ع تي تعلقي جهڏي جي ڳوٺ عباس علي شاهه ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين محمد ثاني هالائي مخدوم
مير علي نواز خان ٽالپر
رضوي همت علي شاهه
پنائي مبين
چانڊيو زخمي
ثنائي مشهدي
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
جويو دادن فقير
آسن واسواڻي مجبور
مخدوم محمد صالح سيوهاڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون