اياز شاهه

اياز شاهه

اياز شاھہ

اياز شاھہ: ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاھہ ولد امان شاھہ بخاري، حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ 1967ع تي جنم ورتو. هن جا وڏا اصل پراڻي سکر جا هئا، بعد ۾ لڏي هيرآباد، حيدرآباد ۾ اچي رهيا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ انهن لطيف آباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. اياز شاھہ انٽر سائنس، ڊگري ڪاليج لطيف آباد مان ڪئي ۽ 1992ع ۾ اين. اي. ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان اليڪٽرانڪس ۾ بي. اِي (B.E) ڪيائين. هن نوجوان 1993ع کان سنڌي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ پنھنجي پيشرو عبدالماجد ڀرڳڙيءَ ۽ ٻين جي محنتن کي تسلسل ڏنو ۽ اڳتي وڌايو. شروعاتي دؤر ۾ (1996ع ۾) هي عوامي آواز، عبرت ۽ ٻين سنڌي اخبارن جو ڪنسلٽنٽ رهيو، ان دؤر ۾ جيئن تہ ڪمپيوٽر بہ مهانگا هئا ۽ سنڌيءَ جو ورجن اڃا متعارف نہ ٿيو هو، هن تمام گهڻي محنت ڪري سنڌيءَ جو ورجن ٺاهيو، ان بعد جڏهن ’ونڊوز 98‘ پاران ’ان پيج‘ متعارف ڪرايو ويو تہ اُتي بہ سنڌيءَ ۾ ڪم شروع ڪيو، ان دوران قاضي اسلم ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو. هن نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر، IBM ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ هن وقت 100 سيڪڙو سنڌي اخبارن ۾ ڪمپوزنگ لاءِ IBM جو استعمال هلي رهيو آهي. يونيڪوڊ بنياد وارن ڪمپيوٽرن ۾ پهريون ڀيرو سنڌي رسم الخط کي متعارف ڪرائڻ لاءِ هن نوجوان انجنيئر يونيڪوڊ سسٽم جو مطالعو ڪري، يونيڪوڊ بنياد وارو فانٽ تيار ڪيو، جنهنڪري هاڻي سڄي دنيا ۾ اسان (ٽيڪسٽ) موادي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙھہ (E-mail) ڪري سگهون ٿا. هن وقت اياز شاھہ ’بيٽر بزنس سسٽم‘۽ ’ڊيٽالنڪ‘ جي نالي سان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ٻہ ادارا هلائي رهيو آهي. اياز شاھہ سنڌي اخبارن کان سواءِ ادبي ۽ علمي ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪمپيوٽر ڪاميٽي تي سرگرم ميمبر رهيو ۽ اٿارٽيءَ جي انفرميٽڪس شعبي سان ڀرپور سهڪار ڪندو رهيو آهي. اياز شاھہ ڪجهہ وقت دبئيءَ ۾ بہ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هو.


لفظ اياز شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي


1967.08.22  عيسوي

اياز شاهه حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ 1967ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ حامد گنج بخش
پير پرڏيهي
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
ارل اسٽين
پيارو منگي
ڀٽو غلام رضا
تاج الدين انصاري
ارباب تاج محمد
آتمارام لعلواڻي
ابوالڪلام آزاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون