اياز علي

اياز علي

اياز علي

اياز علي: نوجوان محقق، صحافي ۽ مترجم اياز علي ولد محمد پيرل شيخ، 19 جنوري 1981ع تي قنبر شهر، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول اقبال بروهي قنبر مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قنمبر مان، انٽر شاھہ لطيف ڪاليج قنبر مان 1998ع ۾، ايم. اي سياسيات ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2016ع ۾ ڪئي. اياز عملي زندگيءَ جي شروعات صحافيءَ طور ڪئي. هن 2007ع ۾ روزاني خبرون اخبار ۾ سب ايڊيٽر، 2008ع ۾ روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر، روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ 2010ع ۾ سب ايڊيٽر ۽ 2011ع کان 2017ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد ۾ سينيئر سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اياز علي سي. پي. سي. ايس (سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) جي تحقيقي اداري ۾ انچارج طور ڪم ڪيو. هينئر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڊڪشنري بورڊ ۾ ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: پاڪستان جو بنياد: ٻہ قومي نظريو يا صوبائي خودمختياري (2014ع)، جناح جي باري ۾ (سوانح: 2017ع)، بنگال ڇو ڌار ٿيو (2018ع)، هندستان جو ورهاڱو: مفروضا ۽ حقيقتون (ترجمو: 2018ع) ۽ ڪارل مارڪس (سوانح: 2017ع) قابل آهن.
اياز علي نوڪريءَ سانگي حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اياز عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو