
اياز ڏوهي آهي-ڪتاب
اياز ڏوهي آهي (ڪتاب ):هي ڪتاب شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ شخصيت بابت آهي، جنهن ۾ ڪل پنجويھہ مقالا شامل آهن. هن ڪتاب جو ليکڪ مشھور شاعر مرحوم ڊاڪٽر ملڪ نديم آهي، جنهن انهن مقالن ۾ اياز متعلق پنهنجا تاثرات ظاهر ڪيا آهن. هي ڪتاب اپريل 2006ع ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي خيرپور/ڪنڌ ڪوٽ پاران شايع ٿيو. ڪتاب جو ٽائيٽل سندس فرزند سڪندر مهراڻ ڊزائن ڪيو آهي. پڪي جلد سان 142 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.