
کٽ
اِيس: کٽ جي پاسي واري ڊگهي ڪاٺي، کٽ جي ٻانهين. کٽ جي چوکٺ ۾ چار ڪاٺيون ٿينديون آهن، جيڪي پاون سان جڙيل هونديون آهن. انهن ڪاٺين مان ٻہ ڪاٺيون ڊگهيون ٿين ۽ ٻہ ڪاٺيون ننڍيون. ڊگهين ڪاٺين کي ايسُون چوندا آهن ۽ ننڍين ڪاٺين کي اوپريون يا سيرون چون. ايس کي ٻانهين بہ چوندا آهن.