ايسراڻي

ايسراڻي: نک (ماکيجا ):هي اصل اروڙونسي آهن ۽ سندن نکڙيا سئوٽ لاڙ ۾ ۽ ڀريا تعلقي نوشهروفيروز ۽ خيرپور مير صاحب واريءَ ۾، ۽ حيدرآباد ۾ آهن. هي گروءَ جا سک آهن ۽ اورنگزيب بادشاھہ جي وقت ۾ پنجاب کان سنڌ ۾ آيا هئا.
ايسراڻي آڪھہ وارن مان پنج ڀائر لاڙڪاڻي طرف اچي، سنڌو نديءَ جي پرينءَ ڀر رهيا، ۽ زمينداري ڪرڻ لڳا. جنهن وقت انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت اتي سلامتي نہ سمجهي درياھہ جي اورينءَ ڀر، ايلياس جي ڳوٺ ۾ اچي رهيا، اٽڪل هڪ سئو ورهيہ ٿيا تہ اتان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا. لاڙڪاڻي ۾ سندن گهٽي اڄ تائين ”ايلياسي گهٽي“ يعني ڳوٺ ايلياس کان آيلن جي گهٽي سڏجي ٿي.
ايسراڻي آڪھہ وارن جي مٿي ذڪر ڪيل پنجن ڀائرن جا ٻيا ٻہ ڀائر پنجاب ۾ گرداسپور جي نزديڪ رهندا هئا، سي بہ پوءِ سنڌ ۾ آيا. اهي اول خدا آباد ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ ميرن وٽ نوڪرين ۾ هئا. 1793ع ۾ سنڌ جي ميرن حڪومت جو ورهاڱو ڪيو تہ هيءُ ايسراڻي نوشهري فيروز ۾ بٽنيءَ ۽ اجاري جي بستگيءَ لاءِ مقرر ٿيا. ان وقت مورجاڻي آڪھہ وارا بہ نوشهري ۾ رهندا هئا. جن جي نک بہ ”ماکيجا“ آهي. ڪجهہ وقت کان پوءِ ايسراڻي ڀائرن مان هڪ ڀاءُ جي آڪھہ وارا مورجاڻين سان گڏ، خيرپور مير صاحب واريءَ جي ويجهو ڳوٺ ڀرڳڙين ۾ وڃي رهيا، جو انهن ٻنهي آڪهين وارا مير سهراب خان وٽ نوڪرين ۾ هئا. هڪ سئو کن ورهيہ ٿيا تہ هيءُ ڀرڳڙين مان لڏي هميشہ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ وڃي رهيا. سندن ٻيا سئوٽ، جي اڃا نوشهري فيروز ۾ هئا، سي بہ اتان لڏي لاڙڪاڻي ويا. ائين سڀ ايسراڻي لاڙڪاڻي ۾ وڃي ڪٺا ٿيا، تہ بہ سندن مٽي مائٽي اڄ تائين خيرپور ۽ ساهتي پرڳڻي وارن سان هلندي اچي. جيڪي ايسراڻي ڳوٺ ايلياس مان لڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيا هئا، تن سان ڇلي سوتڪ وارڻ جي بہ واٽ ڪانہ اٿن.
ديوان ايسرداس جنهن جي نالي پٺيان هن آڪھہ وارا سڏجن ٿا، تنهنجو هڪ پٽ ديوان سنتوڪ سنگهہ هو، منڍ ۾ فقط ديوان سنتوڪ سنگهہ جو اولاد خيرپور مان لاڙڪاڻي ۾ آيو هو. ديوان سنتوڪ سنگهہ جي نسل مان ديوان بھادر ايسر سنگهہ، تلوڪ سنگهہ ۽ سندس ويجها سئوٽ ديوان گوبند سنگهہ ۽ ديوان ڪندن سنگهہ آهن، ساڳئي نسل مان ديوان شام سنگهہ ۽ ديوان واڌو مل آهن.
ديوان ايسرداس جي ٻئي پٽ ديوان تيرٿداس جي نسل مان ديوان هزاريمل ناميارو وڪيل هو، جنهن جو پوٽو ديوان سيرومل وشنداس وڪيل انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ ليجسلٽيو اسميبليءَ جو ميمبر هو.
ڳوٺ ايلياس کان آيل ايسراڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان تلوڪچند ايسرداس هو، جنهن جي نسل مان ديوان گوبند بخش ڄاڃي مل بئسرسٽر، ڀاڻس ڪئپٽن نانڪ بخش اسسٽنٽ ڪمانڊنگ رائل انجنيئر ۽ سندن سئوٽ ديوان ڪندانداس ٽلومل اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا آهن، اهي ”ايلياسي“ سڏبا آهن.


لفظ ايسراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1793.00.00  عيسوي

1793ع ۾ سنڌ جي ميرن حڪومت جو ورهاڱو ڪيو ته هيءُ ايسراڻي نوشهري فيروز ۾ بٽنيءَ ۽ اجاري جي بستگيءَ لاءِ مقرر ٿيا . ان وقت مورجاڻي آڪهه وارا به نوشهري ۾ رهندا هئا



قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪراڙو ڪوٽ
پاسارا
شڪلاڻي
ٻٽ
بارڪ زئي
ڌنجاڻي
بادا
جِهرڪَ1(ذات)
زينداڻي
ڪاڪيپوٽا
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون